شڪارپور (ن س) غيرت جي نالي تي جوابدار گوليون هڻي ماءُ ۽ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو پوليس مطابق واقعو ڳڙهي ياسين جي ويجهو گولو ڌڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل حسن وڌيو ۾ پيش آيو جتي جوابدار غلام رسول ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي 45 ورهين جي امڙ مسمات زبيده ۽ 19 ورهين جي ڀيڻ مسمات مسڪان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو پوليس پاران واقعي جو جيڪو سبب ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدارن جي ڀيڻ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورٽ جي ذريعي پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي ڇڏي هئي جنهن تي جوابدار غلام روسل کي ڳڻتي هئي ته ان جي پنهنجي زال به طلاق وٺندي انهي ڪري جوابدار غلام رسول ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو پوليس اچي لاش سول اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن جي حوالي ڪيا ويا پوليس ٻڌايو ته ماءُ ۽ ڀيڻ کي قتل ڪرڻ جوابدار غلام رسول کي هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.










