نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)آمريڪا پاڪستان سميت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڏهه غير مستقل ميمبرن پاران غزه ۾ غير مشروط ۽ مستقل جنگ بندي جي مطالبي واري قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو.عرب ميڊيا موجب، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 14 ميمبرن قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو. آمريڪا ڇهين ڀيري غزه ۾ غير مشروط ۽ مستقل جنگ بندي جو مطالبو ڪندڙ قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو آهي. ويٽو ڪيل قرارداد ۾ غزه ۾ فوري، غير مشروط ۽ مستقل جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته اسرائيل فلسطيني علائقي ۾ امداد جي پهچائڻ تي لڳل سڀئي پابنديون ختم ڪري. هي قرارداد سلامتي ڪائونسل جي 15 غير مستقل ميمبرن مان 10 پاران پيش ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ پاڪستان به شامل هو. ياد رهي ته آمريڪا جو ويٽو اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن غزه ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري چڪو آهي ۽ جنگ بندي لاءِ عالمي دٻاءُ مسلسل وڌي رهيو آهي. ٻئي طرف، ڪيترن ئي ملڪن آمريڪا جي هن قدم تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.










