غريبن مٿان ظلم جو ڏاڍ ڪيسيتائين ھلندو!!

غريبن مٿان ظلم جو ڏاڍ ڪيسيتائين ھلندو!!

مجاھد”خاموش“ھيسباڻي
اسان جي پوري سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿراڌو کوٽ سبب آبادگار ويچارا دانھون ۽ ڪوڪون ڪندي نظر اچن ٿا۔رائيس ڪينال ھجي يا دادو ڪينال جي شاخن ۾ پاڻي جي اڻاٺ لڳي پئي آھي،جنھن سبب ساريالو فصل نه ٿيڻ ڪري آبادگار ويچارا پريشان حال ۾ مٿي تي ھٿ رکي حڪمرانن کي التجائون ڪري رھيا آھن ته خدارا پاڻي ڏيو پاڻي کانسواءِ اسان جا فصل ڪونه ٿيندا زرخيز زمينون بنجر بڻجي وينديون ۽ اسان جو گذران ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو،اسان جا ٻچا بک وگھي تڙڦي تڙڦي مري ويندا۔ پر اسان جا چونڊيل نمائيندا انھن طرف ڪوبه ڌيان ڪونه پيا ڌرين۔ اڳي ئي مھانگائي آسمان سان ڳالھيون ڪري رھي آھي۔ بجلي گئس ۽ پيٽرول جو بحران به شدت اختيار ڪري چڪو آھي۔ ٻيو وري ھي پاڻي جو مسئلو جيڪو تمام گھڻو ڳنڀير صورت ۾ درپيش آھي۔ غريب آبادگار ويچارا رت جا ڳوڙھا روئي رھيا آھن۔ ٿورو گھڻو پاڻي جيڪو ڪئنالن مان شاخن ۾ اچي ٿو اھو به چوري ٿيو وڃي۔ ھتان جا ايم پي اي ھجن يا ايم اين اي اھي پاڻي پنھنجي زمينن ۾ ڇڏيون بيٺا آھن پنھنجون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ غريب آبادگارن جو پاڻي بند ڪري پنھنجون زمينون آباد ڪن ٿا۔ اھڙي صورت ۾ مٿان کان پاڻي جي ھٿراڌو کوٽ ڪري لکين ايڪڙ زمينن کي بنجر بڻائڻ جي سازش ڪري ھاري پورھيتن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي ۔وقت سر پاڻي نه ھجڻ ڪري اھي ھيل فصل ناھن ٿي سگھيا ڌرتي جا ماڻھو اذيتون ڀوڳي ررھيا آھن پر اسان جي حڪمرانن جي مٿي تي جونء به ڪانه ٿي چري۔ غريب طبقي جي آبادگارن کي پاڻي لپ لاءِ سڪائي رھيا آھن۔ھن دجالي دؤر ۾ ڪوبه غريبن جو سواءِ رب پاڪ جي حامي و ناصر ڪونه آھي،جيڪو سندن جون آھون ۽ دانھون ورنائي۔ھن وقت غريبن جو جيئڻ زھر ٿيندو پيو وڃي۔مسڪين ڏھاڙيدار مزدور ويچارو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آھي۔ ھاري ويچارا فصل جي آسري تي چلھه ٻاريندا آھن ھن سال فصل نه ٿيڻ جي صورت ۾ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا،چوريون ڦرون پنھنجي عروج تي رھنديون۔ ڇوته اڳي ئي زميندار ڀائرن جا ڀاڻ ٻج دوائن وغيره جا قرضي بڻيل آھن فصل نه ٿيندا ته قرض ڪيئن لھندا۔ اڳيان غريبن جي مجبوري کي ڪونه ٿا ڏسن فصل ٿي نه ٿي پر ھو پنھنجو قرض پنھنجي ٽائيم تي پنھنجي ڏاڍ تي حاصل ڪري وٺندا۔ اھڙي حالت ۾ ويچارن کي ٻيو ڪو رستو ناھي ملندو آخر مجبور ٿي خودڪشي ڪري پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجھائڻو پوي ٿو۔ خبر ناھي ھي ٿي ڇا رھيو آھي۔ آخر ھي انڌيرنگري جو رواج ڪڏھن ختم ٿيندو، غريبن مٿان ظلم جو ڏاڍ ڪيسيتائين ھلندو۔
مٿان وري لڳاتار وسندڙ طوفاني برساتن جو سلسلو پڻ جاري آھي۔ سڄي ملڪ ۾ طوفاني برساتون ٻوڏ جا منظر پيش ڪري رھيون آھن۔سنڌ،بلوچستان،پنجاب،خيبر پختونخواه ۽ ڪشمير ۾ تيز ھوائن سان گڏ آسماني بجلي جي گجگوڙ ۾ برسات پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي۔ جنھن سبب ڪافي حد تائين جاني ۽ مالي نقصان پھتو آھي۔ غريب ويچارن جا اجھا ڊھي پٽ ٿي ويا آھن کلي آسمان ھيٺ ڏکي زندگي گذاري رھيا آھن۔ ڪوبه حڪومتي نمائيندو ھنن وٽ لڙي نه آيو ڪابه سندن جي مالي سھائتا نٿي سگھي آھي۔ ڪنھن مسيحا جي انتظار ۾ کلي آسمان ھيٺ ويٺل برسات ۽ مھانگائي جي سٽيل عوام بکن جي ماريل ڪنھن در وڃي دانھن ڏين۔ ھڪڙا زخم ڇٽن ئي مس ٿا ته وري ٻيا ڦٽ ڪر کنيون بيٺا آھن۔ ڪو مرھم رکڻ وارو ڪونه آھي۔ مھانگائي جو طوفان ۽ معاشي بدحالي جو نظام قائم ٿي چڪو آھي۔ بي روزگاري ۾ به تيزي سان اضافو ٿي رھيو آھي۔ جنھن جي ڪري ماڻھو فاڪاڪشي واري زندگي ۾ مبتلا ٿي چڪا آھن۔ ڏھاڙيدار مزدور جي ڏھاڙي پنج سئو روپيا جنھن مان گھر جو چرخو ھلائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آھي۔ فاڪاڪشي جو بازار ايترو ته گرم ٿي چڪو آھي جنھن جي تپش سان انساني جسم تي موجود چمڙي آھستي آھستي ڳرندي وڃي ٿي۔
افسوس آھي اڄ جي حڪمرانن ۽ انتظاميا تي جيڪي اھڙي ڏکئي وقت ۾ به غريبن جي مدد نه ڪري رھي آھي۔ اي حڪمرانو خدا جي قھر کان ڊڄو۔ خدا جي لٺ بي آواز ضرور آھي،پر جنھن وقت ان جي لٺ مان آواز آيو ته پوءِ ان جي دھشت کان ڪوبه بچائي نه سگھندو۔ ھي دنيا فاني آھي ھتان ھر ھڪ ماڻھو کي مرڻو آھي، ھن دنيا ۾ ھٿين خالي آيا آھيون ۽ ھٿين خالي ئي اسان کي واپس دارالبقا ڏانھن ورڻو آھي،پاڻ سان گڏ ڪجھه به کڻي ڪونه وينداسين۔اوھان جو عياشيون اوھان جا بڻايل تاج محل ۽ عوام کان لٽيل ڪارو پئسو جيڪو اوھان ھن دنيا ۾ جمع ڪري رکيو آھي اھو اتي جو اتي رھجي ويندو،مٽيءَ جو ڍير نظر ايندو۔ اڃان به وقت اٿؤ غريب بي سھارا يتيم جيڪي اڃان تائين انھيءَ آس تي زندهه آھن ته ڪوئي مسيحا ايندو جيڪو اسان لاچار بي سھارن جو سھارو بڻجندو۔۔

پهنجو تبصرو موڪليو