اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عيدالاضحيٰ جي حوالي سان سرڪاري ملازمن کي اڳواٽ پگهارون جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سمورن سرڪاري ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن 20 مئي تي جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اڳواٽ پگهارون جاري ڪرڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز کي پگهارون ۽ پينشن 20 مئي تي ملنديون ته جيئن هو عيد جون تياريون وقت تي ڪري سگهن. ان حوالي سان لاڳاپيل کاتي طرفان باظابطا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.










