ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)عيد جي موڪلن کانپوءِ انٽر بئنڪ ڪاروبار شروع ٿيڻ تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 16 پئسا سستو ٿيڻ بعد ڊالر 283 رپيا 30 پئسا ٿي ويو.عيد جي موڪلن کان اڳ واپار جي آخري ڏينهن تي ڊالر 283.46 رپيا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي پهرين ڏينهن مثبت شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 218 پوائنٽن جي واڌ سان 41 هزار 226 تي پهچي ويو.عيد جي موڪلن کان اڳ ڪاروبار جي آخري ڏينهن تي 100 انڊيڪس 41 هزار 7 پوائنٽس تي بند ٿيو.










