عورت جج کي ڌمڪين وارو ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل

عورت جج کي ڌمڪين وارو ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل

اسلام آباد(بيورو)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف عورت جج زيبا چوڌري سميت پوليس اهلڪارن کي ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان سيشن ڪورٽ منتقل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عباس حسن ڪئي. عمران خان جو وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو پڙهي ٻڌايو. بابر اعواڻ درخواست ڪئي ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب هاڻي ڪيس سيشن جج ڏانهن منتقل ڪنداسين، جنهن تي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج چيو ته اسان جو چالان پيش ناهي ٿيو، ٻيهر ضمانت لاءِ درخواست ڏينداسين. اسان کي نه چالان مليو آهي، نه شاهد جو بيان، نه ئي ٻيو ڪجهه، پوءِ ڇا منتقل ڪريون؟ جج راجا جواد عباس حسن چيو ته هن وقت تائين اسان جي ضمانت جو ڪيس هلي رهيو هو، هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ اسان جو دائرو ناهي.بابر اعواڻ چيو ته 27 سيپٽمبر تي ٻين ضمانتن لاءِ درخواستون آيون آهن، توهان وڌيڪ آرڊر ڪري سگهو ٿا.جج راجا جواد عباس حسن چيو ته بهتر ٿيندو ته توهان ضمانت واري درخواست واپس وٺي ڇڏيو، جنهن تي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته اسان ضمانت واري درخواست واپس نه وٺي رهيا آهيون.عدالت چيو ته اسپيشل پراسيڪيوٽر ڪٿي آهي؟ عدالت اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي جي اچڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.وقفي کانپوءِ عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمران خان خلاف ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.فيصلي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت چيو ته جوابدار آزاد آهي، ضمانت لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري سگهي ٿو، عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ضمانت واري درخواست اڪلائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو