ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به اڄ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي سرچ انجڻ گوگل پنهنجو ڊوڊل عورتن جي نالي ڪيو ۽ کين خراج تحسين پيش ڪيو. هن سال سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ”صنفي برابري اڄ، پائيدار سڀاڻي“ جي موضوع هيٺ ملهايو پيو وڃي. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن موجب پاڪستان ۾ عورتن جي آبادي جو پنجون حصو پورهيت عورتن تي مشتمل آهي پر عورتن کي ڪم جي جڳهه تي به هراسان ڪيو ٿو وڃي.
انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن) موجب پاڪستان جي عورتن جي آبادي جو پنجون حصو مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، پر عورتن کي ڪم جي جڳه تي هراسان ڪرڻ ۽ برابري جي حقن لاءِ جدوجهد کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان حوالي سان ڳالهائيندي انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته ان حوالي سان حڪومت ضلعي ۽ تعلقي سطح تي آگاهي پروگرام شروع ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ عوام کي پنهنجي حقن بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي. وومين چيمبر آف ڪامرس جي صدر نائمه انصاري جو چوڻ آهي ته عورتن جي صلاحيت کي گهٽ سمجهڻ به هڪ قسم جي هراساني آهي. ٻئي طرف پورهيت عورتن جو چوڻ آهي ته برابري جي حقن ۽ تحفظ لاءِ قانون ته ٺهيا پر انهن تي عمل نه ٿو ٿئي ته پوءِ اهڙن قانونن جو ڪهڙو فائدو؟ گڏيل قومن جي مطابق، ڪم جي جڳهه ۾ برابر موقعن ۽ تحفظ کانسواءِ دنيا جو بهتر مستقبل خواب ئي رهندو.










