اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي ۽ ان ڏينهن جي حوالي سان پاڪستان ۾ اڄ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن.جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ ميدانن کان وٺي ٿلهي تائين عورتون مردن سان گڏ بيٺل آهن، ان ڪري عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اڄ سڄي ملڪ ۾ ريليون، واڪ، سيمينار ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون.عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ عورتن جي هر شعبي ۾ ڪاميابين کي تسليم ڪرڻ جو ڏينهن آهي، عورتن کي برابري جا حق فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح هوندي.واضح رهي ته عورتن جو عالمي ڏينهن پهريون ڀيرو گڏيل قومن پاران 1975ع ۾ عورتن جي عالمي سال جي موقعي تي ملهايو ويو هو.










