پشاور(ويب ڊيسڪ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اسان ڪنهن جي هدايت تي عمل نه ڪنداسين، جيڪڏهن حڪومت 41 ڏينهن ۾ عوام کي رليف نه ڏنو ته ڊي چوڪ کان ڪير به روڪي نه سگهندو.پشاور ۾ مهانگائي، بجلي جي بلن ۽ ٽيڪسن ۾ واڌ خلاف ريلي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم چيو ته ٽيڪسن، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب عوام پريشان آهي، 25 ڪروڙ عوام جو ڪو به ترجمان ناهي، مخالف ڌر ۽ حڪومت ملڪ ۾ حڪومت ناهي، مزدور تيار رهن، ڊگهي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته جماعت اسلامي جو ڌرڻو به گذريل ڌرڻن وانگر ناڪام رهيو ته اها سندن غلطي آهي ته جماعت اسلامي حڪومت سان لکت ۾ معاهدو ڪري عوام کي رليف ڏنو ان کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي، جماعت اسلامي ڪنهن جي هدايت تي عمل نه ڪندي، 41 ڏينهن ۾ رليف نه ڏنو ويو ته ڊي چوڪ وڃڻ کان ڪير نه روڪي سگهندو.










