عوام لاءِ سٺي خبر پيٽرول ٻه روپيه سستو ٿيڻ جو امڪان

عوام لاءِ سٺي خبر پيٽرول ٻه روپيه سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ سٺي خبر ٻڌائڻ جو امڪان آهي.پيٽروليم ڊويزن اختيارين موجب آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) طرفان ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي سمري ملي وئي آهي جنهن جي منظوري سان پيٽرول 2 روپيه في ليٽر تائين سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.اوگرا پنهنجي سمري ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم ليوي ۾ واڌ نه ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 2 روپيه في ليٽر گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ نين قيمتن جو اعلان اڄ شام جو ڪيو ويندو. واضح رهي ته 31 مارچ تي به حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو