اجمل ساوند جو چاليهو، اصل قاتل گرفتار ڪريو

اجمل ساوند جو چاليهو، اصل قاتل گرفتار ڪريو

ميهڙ (ن س) عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ طرفان عوامي تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ عبدالغفار ملڪ جي چاليهي جو پروگرام ۽ قبائلي دهشتگردي هٿان شهيد ٿيل پروفيسر اجمل سانوند جي ياد ۾ ميهڙ پريس ڪلب ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. عوامي تحريڪ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن سان گڏ ساڃاه وندن؛ صحافين، وڪيلن، اديبن، مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي ٻين نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجمل ساوند جي قاتلن ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن کي جلد کان جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو. سنڌ مان قبائلي دهشتگردي ۽ سنڌ ۾ غيرقانوني طور پرڏيهين توڙي هٿيارن ۽ منشيات جي چرپر جي روڪٿام لاءِ واضع پاليسي جوڙڻ جو به پرزور مطالبو. ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسير، مرڪزي اڳواڻ مهراڻ سنڌي، عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، ڪامريڊ سرتاج احمد چانڊيو، هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام مصطفي چانديو، ڪامريڊ عبدالعفار ملڪ جي والد صاحب شهاب الدين ملڪ، عرفان منان، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، ايڊووڪيٽ منصور احمد چانڊيو، بخت علي ملاح، هادي بخش کونهارو، ايڊووڪيٽ عبدالخالق ٻگهيو، ايڊووڪيٽ معشوق علي چانڊيو، ايڊووڪيٽ ساجد علي چانڊيو، برڪت علي ملاح، سڌير چانڊيو، عبدالجبار ملڪ، ايڊووڪيٽ لياقت علي ملڪ، حيدرآباد يونين آف جنرلسٽ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري جاويد احمد سومرو، سنڌ پريس ڪلب جي صدر عاجز اصغر، بدر سهول ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ايڊووڪيٽ غفار ملڪ انتهائي بيباڪ، بي لوث ۽ ثابت قدم ڪارڪن هو. هو پنهنجي ساه جي آخري گھڙي تائين فڪر رسول بخش پليجو ۽ عوامي تحريڪ سان سلھاڙيل رھيو. عوامي تحريڪ طرفان ٿيندڙ جدوجهدن ۾ هو انقلابي جوش ۽ جذبي سان حصو وٺندو هو. ھن مشرف جي ايمرجسني واري دور ۾ گرفتاري ڏني. سنڌ جي قومي حقن جي حاصلات لاءِ بيماري واري وقت ۾ بہ احتجاجن، مظاھرن، مارچن ۽ بک ھڙتالن ۾ شرڪت ڪندو رهيو. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن سميت سنڌ جي ٻين اھم قومي ۽ عوامي مسئلن تي عوامي تحريڪ طرفان ڪيل لانگ مارچن، احتجاجن، مظاھرن ۾ سرگرمي سان حصو وٺندو هو. عوامي تحريڪ هن بھادر ۽ جفاڪش ساٿي کي سرخ سلام پيش ڪري ٿي. سنڌ جي قومي حقن لاءِ غفار ملڪ جي ڪيل جدوجھد ھميشہ ياد رکي ويندي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ايپيڪس ڪميٽي سنڌ هائي ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قبائلي سردارن کي جرڳن جا اختيار ڏئي مدي خارج قبائلي ۽ جاگيرداري نظام کي مچائي مواڙ ڪيو آهي جنھن سبب سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ قبائلي دهشتگردن جو راڄ قائم ٿي ويو آهي. اجمل ساوند جي قتل جا ذميوار به ملڪ جا حڪمران آهن جن جي غلط پاليسين جي نتيجي ۾ قبائلي دهشتگردي چوٽ چڙهي وئي آهي. اڳواڻن چيو ته هڪڙي پاسي ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي ته ٻي طرف وري غيرملڪي دهشتگردن کي به سنڌ ۾ دهشتگرد ڪاروائين جي کلي ڇوٽ مليل آهي. سنڌ ۾ غيرقانوني طور ايندڙ پرڏيهي پاڻ سان گڏ وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ منشيات اسمگل ڪري رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان قبائلي ۽ جاگيرداري نظام جو خاتمو آندو وڃي، لاقانونيت کي ٻنجو ڏئي سنڌ توڙي ملڪ ۾ قانون ۽ آئين جي بالادستي يقيني بڻائي وڃي. ان سان گڏ غيرقانوني طور سنڌ ۾ رهندڙ پرڏيهين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن مطابق ملڪ نيڪالي ڏني وڃي ۽ هٿيارن ۽ منشيات جي اسمگلرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪري کين سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو