ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر عمر گل کي افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بالنگ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ شروعاتي طور تي عمر گل سان ٽن هفتن لاءِ معاهدو ڪيو آهي پر ان معاهدي ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر گل 4 اپريل تي ابوظهبي ۾ افغان ٽيم جي ڪيمپ ۾ شامل ٿيندو. عمر گل ٽوئيٽر تي افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بالنگ صلاحڪار بڻجڻ جي تصديق ڪندي چيو ته اها منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، مان رانديگرن سان پنهنجو تجربو شيئر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس.










