اسلام آباد(بيورو)پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما پنهنجي برطرفي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.عمر سرفراز چيما برطرفي وارو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ بابر اعواڻ ايڊووڪيٽ ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي عهدي تان هٽائڻ غير قانوني آهي، ان ڪري عدالت فيصلو ڪالعدم ڪري کيس عهدي تي بحال ڪري.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آئين موجب گورنر صوبي ۾ وفاق جو نمائندو آهي، گورنر ايگزيڪيوٽو جو حصو ناهي ۽ صدر جي مرضي تي گورنر شپ تي رهي سگهي ٿو.درخواست ۾ ڪابينا ڊويزن جي نوٽيفڪيشن کي غير آئيني قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته صدر جا اختيار ضابطن تحت ختم نٿا ٿي سگهن، ڪابينا ڊويزن کان نوٽيفڪيشن جاري ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آهي. عمر سرفراز چيما کي گورنر جي عهدي تان هٽائڻ تي اعتراض اٿاريو ويو. پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما وزيراعظم جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اسسٽنٽ رجسٽرار اڳوڻي گورنر جي درخواست تي اعتراض واريندي چيو ته معاملو پنجاب جو آهي ۽ اهو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي دائري اختيار ۾ نٿو اچي.










