عمران ڪن کولي ٻڌ حڪومت آئيني مدو پورو ڪندي: مريم

عمران ڪن کولي ٻڌ حڪومت آئيني مدو پورو ڪندي: مريم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب دعويٰ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي هار مڃي ورتي آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان تسليم ڪري ورتو ته هو تياري ڪري نه آيو هو، سندس سڄي تياري خوني مارچ، هٿيار ۽ ڏنڊا گڏ ڪرڻ تي هئي.سندس چوڻ هوته جڏهن سپريم ڪورٽ جو حڪم آيو ان وقت ڪي رنڊڪون نه هيون، اوهان رڙيون ڪندا رهيو پر ماڻهو نه نڪتا، ڪي پي ڪي حڪومت 35، 35 لک رپيا لانگ مارچ جي وسلين لاءِ ڏنا پر عمران خان 35 هزار ماڻهو به گڏ نه ڪري سگهيو.سڌ سماءُ واري چيو ته عمران خان ڪن کولي ٻڌي چونڊون حڪومت جو آئيني مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ ٿينديون، چونڊن جي تاريخ جو اعلان اتحادي حڪومت ڪندي، اوهان پنهنجي گهر وڃي ويهو .پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي سندس چوڻ هو ته اڄ پئٽرول جيڪو مهانگو ٿيو آهي ان جو سبب عمران خان آهي، چار ورهيه ملڪ تي مڙهيل عمران خان خان معيشت جو قتل ڪيو ۽ آءِ ايم ايف جي معاهدي تي صحيحيون ڪيون جنهن سبب پئٽرول مهانگو ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو