لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عطاءُ الله تارڙ جو چوڻ آهي ته عمران نيازي ٽرين ڪيس ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، هن لکت ۾ گهٽ ۽ فرار جو رستو وڌيڪ اختيار ڪيو آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران نيازي جي وڪيلن ذريعي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، آرٽيڪل 62 تحت رڳو اهو طئي ڪرڻو آهي ته توهان ايم اين اي ٿيڻ جا اهل آهيو يا نه،عطاءُ الله تارڙ چيو ته عمران خان هي ڪيس پهريان به هاري چڪو آهي، سندس جواب شڪست جو اعتراف آهي،هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته گهر اچي جاچ ڪريو، ڇا توهان مٿان کان هيٺ آيا آهيو، هي معاملو اخلاقي نه پر آئيني ۽ قانوني معاملو آهي.سندس چوڻ هو ته شاهد خاقان عباسي نه استعيفيٰ ڏني ۽ نه ئي ڪنهن وصول ڪئي، جمهوري پارٽي ۾ هر ڪنهن کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق آهي.عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان بدلجي ويو آهي، فيصلو ووٽن تي ٿيندو، عمران خان بدليل پاڪستان کي پسند نٿو ڪري، ٽيرينٽ ڪيس آرٽيڪل 62 جو ڪيس آهي.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جو اهو به چوڻ آهي ته قانون واضح آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي نئين شاهدن جي اچڻ کانپوءِ ٿي سگهي ٿي. نااهلي عمران خان جو مقدر آهي.










