ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جو مشهور اداڪار عمران عباس پنجابي فلم ”جي وي سوهنيا جي“ ۾ ڊيبيو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن فلم جو ٽيزر پنهنجي مداحن سان شيئر ڪيو.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي عمران عباس پنهنجي پهرين ڀارتي پنجابي فلم جي هڪ جھلڪ شيئر ڪئي ۽ لکيو ته ”پنهنجي پهرين يو ايس-انڊو پروڊڪشن پروجيڪٽ جو اعلان ڪندي پرجوش آهيان.هن ڪيپشن ۾ وڌيڪ لکيو ته منهنجي فلم ’جي وي سوهنياجي‘ هلندڙ سال 6 آڪٽوبر تي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي.










