اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد پوليس عمران خان کي 4 مختلف ڪيسن ۾ جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو.اسلام آباد پوليس عمران خان کي 10 ۽ 11 مئي تي جاچ ۾ شرڪت لاءِ طلبي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان رمنا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 153 ۾ پيش ٿئي، ان کان علاوه رمنا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 154 ۾ به عمران خان کي 10 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي.عمران خان کي پوليس اسٽيشن سي ٽي ڊي ۾ داخل ڪيس نمبر 03 ۽ گولاڙچي ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 143 ۾ 11 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي.عمران خان کي پوليس لائن هيڊڪوارٽر ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.










