عمران خان گهرن، دوستن ۽ خاندانن سان وڙهيو: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته هڪ ذهني مريض وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهي ڪوڙ، گار ۽ گولي کي قومي ڪلچر بنائي ڇڏيو.مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر مريم نواز جي صدارت هيٺ لاهور ۾ سوشل ميڊيا ٽيم جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مريم نواز سوشل ميڊيا ٽيم جي جذبي جي تعريف ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا کي مثبت روين ۽ تعميري سوچ کي هٿي جي لاءِ استعمال ڪنداسين. مريم نواز چيو ته عمران خان جو گذريل چئن سالن وارو دور آمراڻو دور هو جنهن ۾ ڀاءُ کي ڀاءُ سان وڙهايو ويو، عمران خان گهرن، دوستن ۽ خاندانن کي وڙهايو. هن ڳالهائڻ جو ڍنگ ۽ تهذيب به ڦري ورتي. هڪ ذهني مريض وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهي ڪوڙ، گار ۽ گولي کي قومي ڪلچر بنائي ڇڏيو.ليگي نائب صدر پنهنجي سوشل ميڊيا ٽيم کي چيو ته پڙهيل لکيل مذهب ۽ روشن دماغ نوجوانن کي سوشل ميڊيا تي گندگي کان پاڪ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سوشل ميڊيا کي مثبت روين ۽ تعميري سوچ کي هٿي جي لاءِ استعمال ڪن.مريم نواز چيو ته ڪاري دور ۾ اوهان جي جرئت، بهادري فخر جوڳي آهي. حقيقت ۽ سچائي لاءِ هٿي جو ذريعو بڻجو. ڪوڙ ڳالهائيندڙن کي سچائي جو آئينو ڏيکاريو. معاشري مان ورهاست کي ختم ڪرڻ ۽ اتحاد جي جذبن کي وڌائڻو آهي. مريم نواز چيو ته اختلاف ڪندڙن کي دشمن نه سمجهو. سائبر اسپيس تي اوهان ملڪ ۽ قوم جي مفاد جي جنگ وڙهو.

پهنجو تبصرو موڪليو