ليکڪ عبدالمجيدبروھي
پ پ پ ن ليگ جي سربراھن جي ملاقاتن عمران خان نيازي ۽ سندس وزيرن جوچين آرام اڳ ۾ ئي ختم ڪري چڪا ھئا ان بعد ن ليگ جي جيڪا ليڊر عدم اعتماد جي مڪمل خلاف ھئي اھا مريم نواز پڻ ميڊيا تي اچي حڪومت خلاف ڀرپور طاقت سان ميدان تي لھي عدم اعتماد جو تحريڪ آڻڻ جو اعلان ڪري چڪي آھي ان بعد پي ڊي ايم جو اجلاس ٿيو ان ۾ شامل سمورن جماعتن چي نمائندن پڻ حڪومت خلاف تحريڪ عدم اعتماد ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو آھي جنھن بعد ڪافي ڏينھن کان ملڪي سياست کان ناراض ٿي ڪجھ ڏينھن پاسيرو رھندڙ مولانا فضل الرحمان پڻ پنھنجي ڪوششن ۾ تيزي آڻي ڇڏي آھي جنھن ڪالھ پ پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سان رابطو ڪري سندس کا عمران خان خلان عدم اعتماد واري تحريڪ ۾ ساٿ ڏيڻ سميت وڌيڪ صلاح مشورو ڪيو ان بعد مولانا فضل الرحمان لاھور وڃي وفاقي حڪومت جي اھم اتحادي ق ليگ جي سربراھ چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاھي سان سندن جي گھر وڃي ساڻن ملاقات ڪري چوڌري شجاعت کان سندس طبيعت بابت دريافت ڪيو ۽ ان بعد ق ليگ سربراھ کان عمران خان خلاف آڻيندڙ تحريڪ عدم اعتماد تي ساٿ ۽ مدد جي گھر ڪئي جنھن چوڌري برادران کيس چيو تـ اسان ٻن ڏينھن ۾ پنھنجي پارٽي جو اجلاس گھرائي ان ۾ فيصلو ڪري اوھان کي ٻڌائينداسين ان موقعي تي چوڌري برادران پاران مولانا کي چيو ويو تـ اوھان اڳ ۾ اپوزيشن وارا پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪريو تـ اوھان کي ڪيئن اھو ڪم ڪرڻو آھي اسان اوھان کي پوء جواب ڏينداسين ڪجھ سياسي تجزيا نگارن جو چوڻ آھي تـ ق ليگ پاران مولانا فضل الرحمان کي مڪمل سھڪار جي خاطري ڪئي آھي اھي صرف ٽن وڏين اپوزيشن جي پارٽين سربراھن کي پاڻ وٽ گھرائي انھن کان پنھنجي مطالبن جي پوراء لاء انھن کان گارنٽي وٺڻ چاھين ٿان جنھن بعد انھن وٽ سڀ کان پھريان پ پ پ جو چيئرمين آصف علي زرداري ويو ان بعد پي ڊي ايم ۽ جي يو آء جو سربراھ مولانا فضل الرحمان انھن وٽ وڃي پھتو ۽ اڄ انھن وٽ چوويھ سالن جي ناراضگي ختم ڪري مسلم ليگ جو سربراھ شھباز شريف ۽ مريم نواز وڃڻ وارا آھن واضع ڪندو ھلان تـ 1999 ۾ جڏنھن آمر مشرف پاران مسلم ليگ ن جي حڪومت کي ختم ڪري مارشلا ھنئي ھئي تـ ان وقت نواز شريف ۽ شھباز شريف جا انتھائي ويجھا ساٿي چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاھي نواز شريف کي ڇڏي مشرف سان مليا ھيا جنھن بعد مشرف کين الڳ پارٽي مسلم ليگ ق جي نالي سان ٺاھي ڏنائين اڄ اھي پراڻا ساٿي وري گڏجي رھيا آھن عمران خان مان ملڪ جي عوام کي نجات ڏيارڻ جي لاء پ پ پ مسلم ليگ ق مسلم ليگ ن جي يو آء ۽ ٻين پارٽين جو گڏجڻ ملڪ جي مفاد ۾ آھي ق ليگ سربراھ اھو شخص آھي جنھن جي چوڻ تي جي يوء آء جي سربراھ مولانا فضل الرحمان پاران اسلام آباد ۾ عمران خان خلاف لڳل پنھنجو ڌرڻو ختم ڪيو ھيو اڄ ان چوڌري شجاعت وٽ سندس اھو ساڳيو ساٿي انجي گھر ويو ان کان مدد طلب ڪيائين اسين سڀ ڄاڻون ٿا تـ مسلم ليگ ق وارا عمران خان جي ڪري ملڪ جي وڏين پارٽين پ پ پ ن ليگ جي يوآء کي ڪڏنھن بـ ناراض نـ ڪندا ۽ انھن پاران بي اعتمادي رٿ ۾ اپوزيشن جو ساٿ ڏنو ويندو










