عمران خان کي گرفتار ڪندڙ مشڪل ۾ ايندا: فواد

عمران خان کي گرفتار ڪندڙ مشڪل ۾ ايندا: فواد

اسلام آباد:(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري خبردار ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪندڙ جو پاڪستان ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويندو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪي معيشت مستحڪم ڇڏي وئي هئي پر پاڪستان کي خطرناڪ معاشي بحران ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، هڪ ناڻي وارو وزير لنڊن ۾ ويٺل آهي ۽ ٻيو پاڪستان ۾ موجود آهي. اڻڄاڻائي ۾ پاڪستان کي ڏيوالپڻي جو شڪار ڪيو پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته هاڻ گهڻا تجربا ٿي چڪا آهن. شهباز حڪومت کي گهر اماڻي جلد کان جلد چونڊون ڪرايون وڃن.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته معيشت جي تباهي سياسي بحران سبب آئي آهي. چيو پيو وڃي ته ايندڙ 48 ڪلاڪ اهم آهن پر مان چوان ٿو ته 48 ڪلاڪ به هن حڪومت لاءِ وڌيڪ آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي 90 ڏينهن کان هڪ به ڏينهن مٿي عبوري حڪومت منظور ناهي. پاڪستان ۾ 90 ڏينهن دوران چونڊون ڪرايون وڃن. اڄ چونڊن جو اعلان ڪريو، ويهي پاڪستان جا مسئلا حل ڪنداسين.تحريڪ انصاف جي استعيفائون ڏيندڙ اسيمبلي ميمبرن طرفان سرڪاري گاڏيون ۽ گهر نه ڇڏڻ بابت سوال تي فواد چوڌري چيو ته سرڪاري گاڏيون ۽ گهر چورن حوالي نه ڪرڻ گهرجن. عمران خان جي گرفتاري بابت سوال تي تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته عمران کي گرفتار ڪندڙ جو پاڪستان ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويندو. عمران خان کي گرفتار ڪندڙ پنهنجو پاسپورٽ ڪمبوڊيا جو ٺهرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو