عمران خان پرويز الاهي ۽ محمود خان کي اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڌمڪي ڏني: ناصر شاهه

عمران خان پرويز الاهي ۽ محمود خان کي اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڌمڪي ڏني: ناصر شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڌمڪي وفاق کي نه پر پرويز الاهي ۽ محمود خان کي ڏني هئي.اهڙو اظهار سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو.هنن جو چوڻ آهي ته عمران نيازي لڳي ٿو ته اسيمبلي جون عمارتون ڊاهڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ان ڪري وقت وٺي رهيو آهي.سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو آهي ته عمران خان جيڪڏهن اسيمبلي ٽوڙڻ چاهي ٿو ته کيس سمري تي صحيح ڪرڻي پوندي.سندس اهو به چوڻ آهي ته سياسي يتيم عمران خان کان غلطيون ۽ غير سياسي فيصلا ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو