عمران خان وٽ ڪنهن جو به پيغام کڻي ناهيان ويو: عقيل ڪريم

عمران خان وٽ ڪنهن جو به پيغام کڻي ناهيان ويو: عقيل ڪريم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي نالي واري بزنس مين عقيل ڪريم ڊيڊي چيو آهي ته 9 مئي تي جيڪي خوفناڪ واقعا ٿيا جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي اپيل آهي ته هن غلط ڪم ۾ ملوث ماڻهن کي ظاهر ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان وٽ ڪنهن جو به پيغام کڻي ناهيان ويو تفصيل مطابق عمران خان جي گذريل هفتي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آزادي کان پوءِ ملڪ جي نالي واري بزنس مين عقيل ڪريم ڊيڊي ملاقات ڪئي هئي جنهن کان پوءِ اهي افواه اچڻ لڳا ته هو ڪنهن اهم شخصيت جو پيغام کڻي ڪراچي مان خاص طور تي پي ٽي آئي چيئرمين سان ملاقات لاءِ سندس گهر زمان پارڪ پهتو هو جڏهن ته هن ان حوالي سان افواهن جي ترديد ۽ ملاقات جي وضاحت ڪئي آهي خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي عقيل ڪريم ڊيڊي انهن افواهن تي چٽن لفظن ۾ ترديد ڪندي چيو ته لاهور ۾ گهرائڻ جو مقصد ڇا هو سمجهه ۾ نه آيو پر هو عمران خان وٽ ڪنهن جو ڪوبه پيغام کڻي نه ويو هو عقيل ڪريم چيو ته جڏهن زمان پارڪ ۾ عمران خان سان ملاقات ڪري واپس آيس ته ماڻهن پڇيو ته ڪوئي پيغام آندو هو ان وقت به چيو هو ته عمران خان وٽ ڪنهن جو ڪوئي پيغام ناهي آندو هاڻي به جيڪي ماڻهو چون ٿا ته مان عمران خان وٽ ڪو پيغام آندو هو ته اهي ڪوڙ ڳالهائين ٿا هن چيو ته 9 مئي جي واقعن کان پوءِڪراچي ۽ لاهور چيمبرز جي گڏيل پريس رليز جاري ڪئي هئي جنهن ۾ انهن واقعن جي سخت مذمت ۽ جاچ جي گهر ڪئي وئي هئي عقيل ڪريم ڊيڊي چيو ته لاهور ۾ ئي طئي ٿيو ته هڪ ميمبر کي هڪ هڪ شخص سان ملڻو آهي هڪ ميمبر وزيراعظم شهبازشريف هڪ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جڏهن ته مون کي عمران خان سان ملاقات ڪرڻي هئي ۽ مان معيشت جي معاملي تي عمران خان سان ملڻ ويو هيس عارف حبيب آصف زردري سان ملاقات ڪئي ۽ مان به ملڪ جي معيشت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي عقيل ڪريم چيو ته 9 مئي تي جيڪي خوفناڪ واقعا ٿيا انهن واقعن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر پاڪ فوج اسان جي پنهجي آهي پاڪستاني قوم کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي اسان ڪڏهن به پاڪ فوج جي خلاف پروپيگنڊي کي برداشت نٿا ڪري سگهون. 9 مئي جو ڏينهن پاڪستاني قوم لاءِ تمام برو هو الله اسان کي هن مشڪل مان ٻاهر ڪڍي پوري قوم کي اپيل آهي ته خدا جي واسطي پنهنجي صفحن ۾ پنهنجي دشمنن کان هوشيار رهو ۽ ڪنهن جي ايجنڊا تي ڪوئي ڪم نه ڪريو جو ملڪ کي نقصان ٿئي هن چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير کي ذاتي طور تي سڃاڻا ٿو هو پاڪستاني فوج کي متحد رکڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي مڪمل اهل آهي هرهڪ پاڪستاني جي ذميواري آهي ته سندس هٿ مضبوط ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو