اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جنهن ڪم جي نگراني جو چوندو آهي ان جو ٻيڙو ٻڏي ويندو آهي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته وزيراعظم جنهن ڪم جي نگراني جو چوندو آهي ان جو ٻيڙو ٻڏي ويندو آهي. وزيراعظم چيو هو ته رمضان ۾ قيمتن جي معاملن جي نگراني پاڻ ڪندو جنهن کان پوءِ اپريل ۾ سڀني کان وڌيڪ مهانگائي رڪارڊ ٿي. وزيراعظم بازارن جو دورو ڪيو اتي شيون ته پيل هيون پر خريدار ڪو به نه هو. شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ احتساب ته عوام جو ٿي رهيو آهي. 3 سالن کان بجلي جي قيمتن ۾ 200 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.73 ساله تاريخ ۾ 3 سالن دوران اٽي جي قيمت ٻيڻي ڪڏهن به نه ٿي هئي. وزيراعظم ڪميشن ئي ٺاهي ڇڏي ته اٽي جي قيمت ڪيئن ٻيڻي ٿي. کنڊ مافيا کنڊ برآمد ڪئي جنهن سبب بحران پيدا ٿيو. اوهان کنڊ جي قيمت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي ڪارروائي ڪئي” جهانگير ترين تي جيڪي ڪيس ٺاهيا ويا ان ۾ کنڊ جو ڪوبه تعلق نه آهي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پي ڊي ايم هڪ بيانيو آهي شهباز شريف نه ته پي ڊي ايم ٺاهي ۽ نه ئي هن ان کي ٽوڙيو. ڪراچي ۾ پوليس ڌر بڻجي چڪي آهي ان لاءِ مفتاح اسماعيل چيو هو ته چونڊ عمل جي نگراني فوج ڪري. کيس فوج جي جڳهه رينجرز جو نالو کڻڻ گهرجي ها. شاهد خاقان عباسي چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين مسئلن جو حل نه آهي. ان سان وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندا. ڪاغذي نظام کي مضبوط ڪريو. جيڪو ملڪ ڪاغذي نظام نه هلائي سگهي اهو اليڪٽرانڪ نظام به نٿو هلائي سگهي.ملڪ کي ڪنهن چونڊ سڌارن جي ضرورت نه آهي. ملڪ کي آئين موجب هلايو. اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڇڏي ڏيو. ڪوڙا پرچا ٺاهڻ ڇڏي ڏيو. اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين ٺاهڻ حڪومت ۽ پارليامينٽ جو ڪم نه آهي. اليڪٽرونڪ نظام ٺاهڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. حڪومت جي سرڪس وارن رانديگرن جو نه.(ن) ليگي اڳواڻ چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز وڌي رهيا آهن ۽ ويڪسين محدود آهي. ڪروڙن جي آبادي لاءِ ڪجهه لک ويڪسين جي ڳالهه ٿي. حڪومت 10 ڪروڙ ويڪسين جو آرڊر ڏئي. اين سي او سي اجلاس ۾ ڪجهه ناهي ٿيو. ڇا اين سي او سي عوام کي ماسڪ پارائي سگهيو.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو