عمران خان لاهور جو دورو متوقع، حڪومت سازي بابت اهم فيصلن جو امڪان

عمران خان لاهور جو دورو متوقع، حڪومت سازي بابت اهم فيصلن جو امڪان

اسلام آباد(بيورو)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سڀاڻي لاهور جي دوري جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ذريعن موجب عمران خان سڀاڻي لاهور پهچندو ۽ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي سان ملاقات ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان کي پنجاب ۾ حڪومت سازي جي معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي، تحريڪ انصاف جو چيئرمين به پنجاب ۾ حڪومت سازي بابت اهم فيصلا ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي پرويز الاهي ۽ ٻين شخصيتن سان ملاقاتن ۾ پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي روڊ ميپ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي اڄ اسلام آباد کان لاهور واپس ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو