عمران خان لاءِ اڳوڻي وزيراعظم طور سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا وڃن: پرنسپل سيڪريٽري

عمران خان لاءِ اڳوڻي وزيراعظم طور سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا وڃن: پرنسپل سيڪريٽري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عمران خان لاءِ اڳوڻي وزيراعظم طور سيڪيورٽي جي انتظامن جون تياريون شروع ٿي ويون.ذريعن موجب وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان گهرو سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي اڳوڻي وزيراعظم طور سيڪيورٽي جو انتظام ڪيو وڃي ۽ سيڪيورٽي جي تجويز ڪيل طريقي ڪار تحت انتظام عمل ۾ آندا وڃن.ذريعن جو چوڻ آهي ته خط ۾ گهرو سيڪريٽري کي چيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم کي ڪهڙي سيڪيورٽي ملندي آهي؟ آگاهه ڪيو وڃي.خط جي متن موجب وزارت عظميٰ کان ڌار ٿيڻ بعد سيڪيورٽي جي نوعيت ڇا هوندي؟ مڪمل رپورٽ فراهم ڪئي وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو سيڪريٽري خط ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري کي ضروري ڪارروائي لاءِ مارڪ ڪري ڇڏيو.هوڏانهن گهرو وزير شيخ رشيد به وزارت ڇڏڻ تي سيڪيورٽي گهري ورتي آهي ۽ چيو آهي ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي، رينجرز جي سيڪيورٽي به ڏني وڃي. گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ٻنهي خطن جو جائزو ورتو پيو وڃي، پروٽوڪول موجب اڳوڻي وزيراعظم کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو