ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته آڪٽوبر ۽ نومبر عمران خان لاءِ مصيبتن جا مهينا آهن، مون کي عمران خان جو مستقبل ڪٿي به نظر نٿو اچي.اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان جا ڏينهن گُنا ويا آهن، هو ڦاسي پيو آهي، جن عمران خان کي چونڊيو هو اُتي واپس موڪلي رهيا آهن.پ پ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته عمران خان ڪڏهن جيل ناهي ڏٺي، جڏهن به گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندا آهن ته پشاور يا ڪنهن ٻئي هنڌ ڀڄي ويندو آهي.ماضي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته عمران خان 2002ع ۾ مون سان گڏ ايم اين اي هو، ان وقت عمران خان چوندو هو ته وسان صاحب توهان جيل جا ڏينهن ڪيئن گذريا، جيل ويو ته خودڪشي ڪري ڇڏيندس.عمران خان موجب جڏهن ججن جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ هلي ته هو رڳو 4 ڏينهن جيل ويو.ججن جي بحالي لاءِ تحريڪ جا مثال ڏيڻ وارو عمران نيازي هاڻي پاڻ ئي ججن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ڌمڪيون ڏيڻ وارا ڪجهه به نٿا ڪري سگهن.










