عمران خان حڪومت مخالف مارچ کي روڪڻ لاءِ شرط رکي ڇڏيا

عمران خان حڪومت مخالف مارچ کي روڪڻ لاءِ شرط رکي ڇڏيا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان اعلان ڪيو آهي ته حڪومت مخالف مارچ آڪٽوبر ۾ ئي ٿيندو.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن حڪومت چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ته مارچ نه ٿيندو.عمران خان چيو ته مان ڪهڙي رٿابندي ڪري رهيو آهيان، رٿابندي مون تائين محدود آهي، سڀ ڪجهه رڪارڊ ڪيو پيو وڃي.ان کان اڳ پنهنجي هڪ بيان ۾ عمران خان آمريڪي صدر جي پاڪستان جي ايٽمي پروگرام بابت ڏنل بيان تي اتحادي حڪومت (پي ڊي ايم) تي تنقيد ڪئي هئي.هن چيو ته بائيڊن جو بيان درآمد ٿيل حڪومت جي پرڏيهي پاليسي جي مڪمل ناڪامي ۽ ان جي آمريڪا سان لاڳاپن جي بحالي جي دعوائن کي ظاهر ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو