عمران خان جي گرفتاري تي شوبز شخصيتن جو ردعمل

عمران خان جي گرفتاري تي شوبز شخصيتن جو ردعمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني شوبز انڊسٽريءَ جي ڪيترين ئي شخصيتن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي. اداڪارا ارمينا خان ٽوئيٽر تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته اها گرفتاري انتهائي بيهود ڪِريل عمل آهي ۽ مان عمران خان سان گڏ آهيان. گلوڪارا قرت العين بلوچ ان کي جمهوريت جو موت قرار ڏيندي لکيو ته هاڻ باضابطا طور ملڪ ۾ ڪا جمهوريت ناهي.فريحا الطاف ٽوئيٽ ڪيو ته عمران خان جي گرفتاري ڏسي مون کي تمام گهڻو افسوس ٿيو، اميد ته هو محفوظ رهندو ۽ مان سندس واپسي لاءِ دعاڳو آهيان. عدنان صديقي ٽوئيٽر تي لکيو ته اڳوڻي وزيراعظم کي ڏوهارين جيان گِهلجندو ڏسڻ شرمناڪ ۽ حيرت ڏياريندڙ آهي، اسان جي تاريخ اهڙا منظر ناهن ڏٺا.

پهنجو تبصرو موڪليو