عمران خان جي نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرائڻ جو فيصلو

عمران خان جي نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم هائوس ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ اتحادي پارٽين جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويندو. وزيراعظم هائوس ۾ پ پ ۽ اتحادي پارٽين جو اجلاس ختم ٿي ويو، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي غور ڪيو ويو.ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عمران خان جي نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويندو، آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت ريفرنس داخل ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف سان غير رسمي مشاورت کانپوءِ ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس تي سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو. ذريعن موجب ڪابينا عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت به سڀاڻي فيصلو ڪندي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف سميت ڪنهن کي به ريڊ زون ۾ احتجاج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو