اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڄ عمران خان جي نااهلي واري فيصلي کي معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل علي ظفر عدالت ۾ دليل ڏنا،جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙا اعتراض آهن، جنهن تي علي ظفر چيو ته هڪ ته بائيو ميٽرڪ تصديق جو اعتراض هو، ٻيو اعتراض اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي تصديق ٿيل ڪاپي به ناهي لڳائي وئي، اليڪشن ڪميشن فيصلو جاري ناهي ڪيو. صرف 2 صفحا مليا، عدالت چيو ته ان ڪيس ۾ ڪهڙي جلدي آهي؟ ان تي عمران خان جي وڪيل چيو ته عمران خان نااهل ٿي چڪو آهي، کيس ايندڙ اليڪشن به وڙهڻي آهي، اليڪشن ڪميشن کي به چيو آهي ته ڪرپٽ عملن تي ڪارروائي ڪئي وڃي،جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪميشن رڳو شڪايت موڪلڻ جو چيو آهي، جڏهن فيصلو ناهي ته عدالت ڪهڙو حڪم معطل ڪندي؟ توهان رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪريو،عمران خان جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شارٽ آرڊر ڳنڍيو ويو آهي، جنهن تي جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته شارٽ آرڊر جي تصديق ٿيل ڪاپي آهي؟ علي ظفر جواب ڏنو ته ان لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، عدالت اليڪشن ڪميشن کان پڇاڻو ڪري، اليڪشن ڪميشن فيصلو ويب سائيٽ تي جاري ڪيو پر اسان کي تصديق ٿيل ڪاپي ناهي ڏني،چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن اسان توهان کي 3 ڏينهن ۾ ڪاپي نه ڏني ته ٻيهر ٻڌڻي ڪنداسين، اسان اڪثر ائين ڪندا آهيون، فيصلو ٻڌايو ويندو آهي ۽ تفصيلي فيصلو بعد ۾ ايندو، اميد آهي ته 3 ڏينهن ۾ توهان جي تصديقي ڪاپي فراهم ڪئي ويندي.عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن جو تصديق ٿيل فيصلو اچڻ کان اڳ روڪيل حڪم جاري نٿا ڪري سگهون، جنهن تي وڪيل علي ظفر چيو ته خدشو آهي ته اليڪشن ڪميشن فيصلو تبديل ڪري ڇڏي،جسٽس اطهر من الله جواب ڏنو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، فيصلو ڪيئن بدلجي سگهي ٿو؟،نااهلي اڳ به ٿيندي رهي آهي، ڪو سياسي طوفان ناهي، جنهن قانون تحت عمران خان کي نااهل ڪيو ويو، اهو صرف ان سيٽ جي حد تائين آهي.










