عمران خان جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس، ايف سي ۽ رينجرز مقرر

اسلام آباد(بيورو)موجوده حڪومت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن موجب حڪومت عمران خان جي سڪيورٽي پروٽوڪول بابت واضح هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته اڳوڻي وزيراعظم جي سيڪيورٽي لاءِ فورسز جي مقرري کي يقيني بڻايو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بني گالا هائوس جي سيڪيورٽي لاءِ 94 پوليس ۽ ايف سي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جن ۾ اسلام آباد پوليس جا 22 ۽ ايف سي جا 72 اهلڪار شامل آهن.ان کان علاوه ڪي پي حڪومت 36 ۽ گلگت بلتستان حڪومت عمران خان کي سيڪيورٽي لاءِ 6 پوليس اهلڪار فراهم ڪيا آهن، جڏهن ته بني گالا هائوس تي 26 ايس ايم ايس سڪيورٽي ۽ 9 فوجي سيڪيورٽي اهلڪار به مقرر آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته سفر دوران عمران خان سان اسلام آباد پوليس جون 4 گاڏيون ۽ 23 اهلڪار ۽ رينجر جي هڪ گاڏي ۽ 5 اهلڪار به گڏ هوندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي سڪيورٽي لاءِ ٻه اجلاس ٿا ، جنهن کانپوءِ سندس سڪيورٽي وڌائي وئي، مختلف خطرن جي روشني ۾ عمران خان جي سڪيورٽي لاءِ ٿريٽ اسيسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس منعقد ڪيو ويو .ذريعن موجب وفاقي عملدارن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي سڪيورٽي لاءِ پي ٽي آءِ جو فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن عمران خان کي ڪو خاص خطرو هجي ته ان کي به شيئر ڪيو وڃي جنهن جي روشني ۾ سيڪيورٽي جا وڌيڪ انتظام ڪيا وڃن

پهنجو تبصرو موڪليو