لاهور(م ڊ)سڪيورٽي ادارن اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم کي حراست ۾ ورتو.ذريعن موجب سڪيورٽي ادارن اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم کي حراست ۾ ورتو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم پرڀاڻي تي پي ٽي آءِ جي سهولتڪاري جو الزام آهي، کيس اختيارن کان وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ تي حراست ۾ ورتو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي ادارن پاران ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کان جاچ جاري آهي، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ تي پي ٽي آءِ جي باني کي ڳجهي طور تي پيغام موڪلڻ جو به الزام آهي.ذريعن موجب سڪيورٽي ادارن پاران آءِ جي جيل پنجاب کي آگاهه ڪيو ويو، جاچ کانپوءِ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم خلاف به کاتي جي ڪارروائي ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل محمد اڪرم کي عهدي تان هٽايو ويو هو.واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني عمران خان هن وقت راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيد آهي.










