عمران خان جي بدتميزي سندس بوکلاھٽ جو ثبوت آهي، مري

عمران خان جي بدتميزي سندس بوکلاھٽ جو ثبوت آهي، مري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي گذريل ڏينهن واري تقرير مان واضح ٿي ويو ته سليڪٽيڊ گھبرائجي چڪو آهي ۽ عمران خان جي بدتميزي ۽ بدڪلامي سندس بوڪلاھٽ جو ثبوت ڏئي رھي ھئي ھن چيو ته وزيراعظم جو ڪم گاريون ڏيڻ نه پر عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ـ اھڙين ڳالهين جو اظهار اڄ ھن سندس ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي ـ شازيه مري جو چوڻ ھو ته وزيراعظم عمران خان ضدي، غير ذميوار ۽ ھڪ بي حس شخص آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحيح چيو ته جن حڪومتي وزيرن کي ڪاغذ نه مليو انهن کي سنڌ موڪليو ويو ۽ گذريل ڏينهن لاهور جي عوام به سليڪٽڊ وزيراعظم کي رد ڪري ڇڏيو آهي ـ شازيه مري چيو ته چيئرمين پ پ پ بلاول ڀٽو زرداري عوام جي تڪليفن جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ڪٽ پتلي وزيراعظم رڳو گاريون ڏئي ٿوـ ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ملڪ جي عوام سليڪٽڊ وزيراعظم تي مڪمل بي اعتمادي جو اظهار ڪري رهي آهي، هاڻي کيس ڪجهه غيرت ھجڻ گهرجي ۽ جلد پنهنجي عھدي تان استيعفا ڏيڻ گھرجي ـ

پهنجو تبصرو موڪليو