اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي استعمال ڪيل گاڏي واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اي ٽي سي جي جج راجا جواد عباس 5 لک رپين جي مچلڪن عيوض گاڏي جي حوالي ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي.گاڏي جي مالڪ افتخار گھمن جي وڪيل مرزا عاصم بيگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت چيو آهي ته گاڏي جي مالڪ افتخار گھمن کي گاڏي واپس ڪئي وڃي، پوليس کي وڌيڪ جاچ يا فرانزڪ لاءِ گاڏي جي ضرورت ناهي.جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ پوليس اسٽيشن سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪندي گاڏي قبضي ۾ وٺي ڇڏي آهي.جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ٽڪرائجڻ بعد گاڏي کي ضبط ڪيو ويو.










