اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان صدر عارف علوي کي خط لکيو آهي.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته فوج جي تعلقات عامه واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڪم ڪار جي قانوني حدن جو تعين ڪريو. هن صدر تي زور ڀريو آهي ته اختيارن جي علط استعمال، آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن جو تعين ڪري سندن احتساب لاءِ اپاءُ وٺو. اوهان سنگين غلط ڪارين جو نوٽيس وٺو. هن لکيو آهي ته جڏهن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو آهي، قوم منهنجي حقيقي آزادي جي سڏ تي بيٺي آهي.عمران خان جو چوڻ آهي ته اسان تي ڪوڙن الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪرڻ، هراسان ڪرڻ، بلاجواز گرفتاريون ۽ حراست ۾ تشدد جهڙين مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته وفاقي گهرو وزير ڪيترائي ڀيرا مون کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته ملڪ جي صدر کي گهرجي ته هو پنهنجي قيادت ۾ ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ جاچ ۽ ذميوارن جو احتساب ڪري.










