عمران خان جي حڪومت عوامي رليف نه ڏيڻ تي وئي: اسماعيل راھو

عمران خان جي حڪومت عوامي رليف نه ڏيڻ تي وئي: اسماعيل راھو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي يونيورسٽيز واري صوبائي وزير اسماعيل راھو عمران خان جي خطاب تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته خان صاحب اوھان کي بيروني سازش تحت نه پر مھانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرڻ، عوام کي روزگار ۽ رليف نه ڏيڻ تي اقتدار کان محروم ٿيڻوپيو اسماعيل راھو چيو ته خان صاحب اوھان جاڪوڙ، ڊراما ۽ نوسربازيون عوام کي گمراھ نٿيون ڪري سگھن، خان صاحب اوھان جي سموري تقرير ڪوڙ ۽ منافقي کان سواءِ ڪجهه به نه ھئي، اسماعيل راھو چيو ته ڪراچي جلسي ۾ عمران خان ڏيکاري رھيو ھو ته ان جو سوفٽ ويئراپڊئيٽ ٿي چڪوآھي عمران رنگ باز ھر ڏينھن نئي منگھڙت ڪھاڻي بيان ڪندو آھي، هن چيو ته عمران ان ڪوڙا الزام لڳائي ميڊيا ۽ سياستدانن کي بدنام پيو ڪري، خان صاحب ملڪ جو ڪھڙو ادارو آھي جنھن کي اوھان يرغمال نه بڻايو ھجي پ پ اڳواڻ چيو ته 20 ڏينھن کان پوءِ ھٿ جو لکيل ڪاغذ لھرائي ڪري ٻاھران جي سازش کڻي آيو، اوھان جي دور اقتدار ۾ سنڌ ۾ قحط آيو، ماڪڙ آئي پر اوھان کي ڪڏھن به سنڌ ياد نه آئي، اوھان چيو سنڌ ٻڏي، سڪي مري، منھنجي بلا سان، اسماعيل راھو وڌيڪ چيو ته خان صاحب ڪراچي وارا ترقياتي ڪم گھرن ٿا روزگار گھرن ٿا جيڪو اوھان نه ڏنو ۽ ڪو وعدو وفا نه ڪيو خان صاحب اوھان کي عوام ڪھڙو خطاب ڏئي اٽي چور، کنڊ چور، ڪڻڪ چور، دوائون چور، گھڙي چور يا ھار چور، خان صاحب فارن فنڊنگ ڪيس شروع ٿيندي ئي اوھان جو ھاڻي کان ئي رڙيون نڪرڻ شروع ٿي ويون آھن، خان صاحب اوھان کي جڏھن روس ڪڻڪ ۽ تيل 30 سيڪڙو سستو ڏنو ته پوءِ قوم کي اٽو ۽ تيل اوھان مھانگو ڇو ڏنو

پهنجو تبصرو موڪليو