راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ باني اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي خبرن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شعيب شاهين ملاقات ۾ ٿيندڙ ڳالهين تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته جيڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي انهي تي مان سپريم ڪورٽ ويندس پهريان 10 ڏينهن ننڍي ڪمري ۾ بند رکيو ويو ۽ ايندڙ 10 ڏينهن صرف هڪ ڪلاڪ لاءِ ٻاهر نڪرڻ جي اجازت هئي. گهر ڀاتين ۽ وڪيلن سان به ملڻ نه ڏنو ويو. جڏهن ته نوازشريف، شهباز شريف سان 40-40 ماڻهو ملندا هئا، گهر جي ماني سميت ايئرڪنڊيشن ڪمرا مليل هئا.شعيب شاهين چيو ته قاضي فائز عيسيٰ بابت پي ٽي آءِ باني چيو ته انهي ته جسٽس منير جي ياد کي به وساري ڇڏيو. قاضي فائز فراڊ اليڪشن کي تحفظ ڏنو. نيب ترميم انهي لاءِ منظور ڪئي ته انهي ۾ هو پاڻ بينيفشري هو. قاضي فائز جون به لنڊن ۾ 3 ملڪيتون هيون، اهو تاريخ جو بدترين چيف جسٽس ثابت ٿيو، جوڊيشري جي بجاءِ بيورو ڪريسي مان آر اوز وٺي فراڊ اليڪشن جي بنياد رکي.هن چيو ته پي ٽي آءِ باني ڊيل جي خبرن کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته هو ملٽري ڪورٽس کان نٿو ڊڄي ۽ حقيقي آزادي لاءِ جهاد ڪري رهيو آهي. عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان به صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ ڊيل نه ڪندو ملٽري ڪورٽس ۽ ٻيا ظلم برداشت ڪري وٺندو پر جهڪندو ڪڏهن به نه.










