ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس پارٽي جا ٻيا اڳواڻ ملڪي ادارن جي شرافت جو ناجائز فائدو پيا کڻن، پي ٽي آءِ سربراهه پنهنجي زبان کي لغام نه ڏنو ته 22 ڪروڙ عوام کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندو،پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان پهرين معزز ججز ۽ اليڪشن ڪمشنر خلاف گندي زبان استعمال ڪئي، هاڻ پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرز خلاف ڪوڙا الزام هڻي رهيو آهي،هن چيو ته عمران خان پنهنجي آقائن اسرائيل ۽ ڀارت کي خوش ڪرڻ لاءِ پاڪستان خلاف سازش ڪري رهيو آهي،شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جو مقصد آهي ته هر ادارو سندس ٽائيگر فورس بڻجي ڪم ڪري، پوري قوم پنهنجي عدليه، فوج ۽ اليڪشن ڪميشن سان گڏ بيٺل آهي










