اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد پوليس اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪيس ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد کي اڄ طلب ڪري ورتو.تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 27 جنوري تي الزام لڳايو هو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مون کي مارڻ لاءِ دهشتگردن کي پئسا فراهم ڪيا ۽ ان سازش ۾ طاقتور حلقا به ملوث آهن.ان معاملي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عمران خان خلاف 10 ارب رپين جي هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪندي ثبوت طلب ڪري ورتا آهن.ٻئي طرف اسلام آباد پوليس ساڳئي معاملي تي اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي.










