ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي عوام کي ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏئي رهيا آهيون بلاول ڀٽو عوام کي ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهيترڪي ۽ چين سان منصوبي جي حوالي سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن سيڙپڪارن کي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا حيدر آباد ۽ ٻين شهرن ۾ به بي آر ٽي شروع ڪنداسين ٽرانسپورٽن کي گذارش آهي ته هاڻي روڊن تان پراڻين گاڏين کي هٽائين ٽرانسپورٽ پراڻيون گاڏيون هٽائي نيون گاڏيون آڻين، حڪومت سهڪار ڪندي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي سبسڊي ڏني ويندي پرڏيهي سيڙپڪار هتان پئسا ڪمائي پرڏيهه کڻي وڃن ٿا عمران خان جيڪي ڳالهيون ڪري پيو تاريخ ۾ ڪنهن به ناهن ڪيون سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف زهر اوڳاڇيو پيو وڃي: نااهلي جي ڪري اقتدار کان محروم شخص زهر اوڳاڇي رهيو عمران خان خطرناڪ راند کيڏي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙي رهيو آهي عمران خان جا ڀاڳ ڀلا آهن جو ادارا نيوٽرل آهن ادارا نيوٽرل نه هجن ها ته کيس خبر پئجي وڃي، چيو آهي ته عمران خان ڪڏهن ٿو ته ادارا نيوٽرل آهن ڪڏهن چوي ٿو ته ادارا نيوٽرل نه رهن بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سنگين حالتن باوجود آصف زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو آصف زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي محب وطن هجڻ جو ثبوت ڏنو پاڪستان جي بقا لاءِ پيپلز پارٽي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جون وڏيون قربانيون آهن عمران خان جي نااهلي جي ڪري سندس اتحادي کيس ڇڏي ويا.










