ڪراچي(ويب ڊيسڪ)انساني حقن جي عالمي تنظيم هيومن رائيٽس واچ وزيراعظم عمران خان پاران اسيمبليون ٽوڙڻ واري قدم تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي آئين خلاف بغاوت قرار ڏنو آهي. رپورٽن مطابق هيومن رائٽس واچ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پاران عدم اعتماد جي ووٽ کي منهن ڏيڻ بدران پارليامينٽ ٽوڙڻ جو قدم پاڪستانين کي پنهنجي حڪومت چونڊڻ جي حق کان محروم ڪرڻ جي برابر آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان قدم پاڪستان کي سنگين آئيني بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ آچر تي ٿيڻي هئي پر قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ان رٿ کي غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو هو. قرارداد رد ٿيڻ بعد عمران خان قوم کي پنهنجي خطاب ۾ صدر پاڪستان کان قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيو جنهن کانپوءِ صدر عارف علوي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. ڪابينا ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ته عمران خان وزيراعظم ناهي رهيو ۽ هڪدم پنهنجون ذميواريون ختم ڪري پر اڃا تائين هو ڪم ڪري رهيو آهي.










