راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ عليما خان تي اڊيالا جيل ٻاهران ٻن ڇوڪرين انڊا اڇلايا.عليما خان تي ان ٽائيم انڊا اڇلايا ويا جڏهن هوءَ ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي، جنهن کان پوءِ پوليس ٻنهي ڇوڪرين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.بعد ۾ پوليس ٻنهي ڇوڪرين کي اڊيالا چوڪي منتقل ڪيو.عليما خان جي تقرير دوران انڊا اڇلائڻ تي هنگامو ٿيو.ان موقعي تي عليما خان چيو ته اسان کي ڪو به اسان تي حملو ڪرڻ جي پرواهه ناهي، اسان کي خبر آهي ته اهو ٿيندو.










