نئين دلي(ويب ڊيسڪ) هندستاني پوليس سک عليحدگي پسند مبلغ امرتپال سنگهه کي هڪ مهيني کان وڌيڪ ڳولا ڪرڻ کانپوءِ نيٺ گرفتار ڪري ورتو آهي. امرتپال سکن جي اڪثريتي آبادي واري ڀارتي صوبي پنجاب جي آزادي جي پرچار ڪندو آهي. امرتپال سنگهه جي نئين سر سکن جي علحدو وطن واري تحريڪ سبب حڪومت کي خدشو آهي ته ڪٿي پر تشدد سک تهڙيڪ ٻيهر نه شروع ٿئي. 1980 ۽ 1990 جي ڏهاڪن دوران ڀارت ۾ زور پڪڙيندڙ پرتشدد بغاوت واري تحريڪ دوران هزارين ماڻهو مارجي ويا هئا. ”امرتپال سنگهه کي خاص انٽيليجنس جي بنياد تي پنجاب جي موگا ضلعي جي روڊ ڳوٺ مان گرفتار ڪيو ويو آهي،“ 30 سالن جو امرتپال سنگهه جي گرفتاري – جيڪو وارث پنجاب دا نالي هڪ گروپ جي اڳواڻي ڪري ٿو. سطلاعن موجب سندس سوين حامي تلوارن ۽ هٿيارن سان پوليس اسٽيشن تي حملو ڪيو آهي.










