سکر(بيورو رپورٽ) علائقي جي 7 قبيلن ۾ هلندڙ خوني تڪرارن جو نبيرو ٿي ويو، سردار علي گوهر خان مهر، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، غوث بخش مهر ۽ حاجي ڪريم ڏنو بڊاڻي ٻڌائي. ست ڌري تڪرار تي مجموعي طور 30 ڪروڙ 55 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو. شر، ڪوش، تڙت، ڪوش، سيلرا، سولنگي، مهر، ڀٽا، ڇڄڻ برادرين وچ ۾ تڪرارن جو نبيرو ڪيو ويو. فتويٰ موجب حسين ماڇي ڌر جا 6 قتل، هڪ زخمي ساڍا ٻارنهن لک رپيا، ٽوٽل هڪ ڪروڙ 62 لک 50 هزار روپيا جانو شر جي ڌر ادا ڪندي. سيلرن جا ٽوٽل 19 قتل، چار ڪروڙ 75 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. سيلرن جي عورت جا 50 لک رپيا ڏنڊ، جيڪا ٻه طرفي 25 شرن ۽ 25 ماڇي ڀري ڏيندا. پنج ڪروڙ قتلن جو، 24 زخمي آهن، زخمين جا 84 لک 50 هزار رپيا ٽوٽل پنج ڪروڙ 84 لک 50 هزار رپيا ڏنڊ شر ۽ ڪوش سيلرن کي ڀري ڏيندا. ڀٽن جا 13 قتل ثابت، 3 ڪروڙ 25 لک رپيا ۽ 8 زخمي ثابت جنهن جا 37 لک زخمين جو ڏنڊ هوندو، ٽوٽل 3 ڪروڙ 62 لک رپيا شرن جي ڌر ڀٽن کي ادا ڪندي. ڌانڌو ڌر جا ٽوٽل 8 قتل ثابت، اڳرائي جا 2 ڪروڙ رپيا، 9 زخمي جنهن جو ڏنڊ 40 لک 50هزار رپيا، 2 ڪروڙ 40 لک 50 هزار رپيا شر ڀريندا. ڇڄڻ برادري جا فوتي چڱي مڙس ممتاز ڇڄڻ جا 35 لک رپيا شهزادو شر ڀري ڏيندو. مهرن جو نقصان ٻه قتل ۽ ٻه زخمي ثابت، عيوضو 67 لک 50 هزار رپيا ثناءاللہ شر ۽ سيفل شر ادا ڪندا. شهريار خان شر تي حملي جو ڏنڊ 25 لک رپيا مقرر، ٻن گاڏين جو نقصان ڀريندا ۽ ڏوهي ڌر سيلرا ميڙ ڪري ويندا ۽ ڏنڊ ڀري ڏيندا. محمد خان سيلري پاران شهريار خان شر تي حملي کان انڪار، جنهن کي ساک کڻڻ تي حملي کان آجو قرار ڏنو ويو. شهريار خان شر تي ٿيل حملي ۾ قتل ٿيل وڏيري علي محمد ۽ وڏيري عمر شر جي قتلن جو ٻيڻو عيوضو 50-50 لک رپيا مقرر، زخمي سهراب شر 12 لک 50 هزار ۽ زخمي عبدالحڪيم جو هڪ لک، زخمي صديق جو 50 هزار، زخمي جان محمد بگٽي جو هڪ لک رپيا ڏنڊ مقرر، ٽوٽل هڪ ڪروڙ 40 لک رپيا سيلرا برادري شرن کي ڀري ڏيندي. تڙتن جا ٽي قتل ثابت، ٽوٽل 75 لک رپيا حسين ماڇي، جانو شر وارن کي ادا ڪندو. وڏيري دين محمد شر جي قتل جا 35 لک رپيا ڏنڊ مقرر، جنهن جو عيوضو نور محمد ڇڄڻ ادا ڪندو. شرن جا ٽوٽل 21 قتل ثابت، جنهن جو ڏنڊ 5 ڪروڙ 25 لک رپيا مقرر، 32 زخمين جا هڪ ڪروڙ 28 لک رپيا مقرر، ٽوٽل 6 ڪروڙ 53 لک رپيا سيلرا، ڀٽا، ڌانڌو ۽ ماڇي ڀري ڏيندا. بهادر شر جي ٽن قتلن جو عيوضو 75 لک رپيا ڏنڊ مقرر، جيڪو عيوضو ڀٽا ڀري ڏيندا. فوتي مٺو شر بخشاپور ۾ قتل ٿيو ان جو غوث بخش شر ۽ مولا بخش پنهور گڏجي ويهي مسئلو حل ڪندا. ٽي قتل ڪوش ڌر جا ثابت، 75 لک رپيا ڏنڊ خادم ۽ اڪبر سيلرو ڪوشن کي ڀري ڏيندا. فوتي ميوو ڇڄڻ جو ڏنڊ 25 لک رپيا مقرر ڪيو ويو، الزام هيٺ آيل ڌر پکي شر جي غير موجودگي ۾ ڪاميٽي قائم، مقتول ڌر تي ساک رکي وئي جيڪڏهن کڻي ٿو ته الزام هيٺ آيل ڌر ڏنڊ ڀري ڏيندي. مال، ملڪيتن، فصلن جي ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ سردار چنگيز خان جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم، ميمبر راجا خان مهر ، شهريار خان شر، احمد خان سيلرو، حاجي ڪريم ڏنو بڊاڻي، مولابخش پنهور ۽ صاحب ڏنو جتوئي هوندا. ڪيس قانون مطابق نيڪال ٿيندا، فريادي ڌر وڪيلن جي صلاح سان بيان ڦيرائيندي ۽ خرچ جوابدار ڌر ادا ڪندي. اڳرائي ڪندڙ ڌر تي 80 لک رپيا ڏنڊ مقرر هوندو، جيڪا اڳرائي ڏوھ ۾ شمار ڪئي ويندي ان کي قبيلائي جهيڙي جو رنگ نه ڏنو ويندو.










