رياض سھيل
” مان رڍن جي اڳيان رباب وڄائڻ نٿو چاھيان“. عطا اللھ مينگل جي ھي بغير ڪنھن رکَ رکاءِ جي سنئون سڌو جواب ھو جڏھن مان ھن کان ڪجھ سال پھريان انٽرويو جي گذارش ڪئي ھئي. انٽرويو نھ ڏيڻ جي وجھ معلوم ڪرڻ لاءِ سندس گهر پهتاسين ته هن چيو ته ھاڻي انڌن، گونگن ۽ ٻوڙن جي سامھون ڇو دانھيون، هتي ڪنھن کي ڪو به فرق نٿو پوي. سردار عطااللھ مينگل خميس جي ڏينھن ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو. ھو گهڻي وقت کان بيمار ھو ۽ ھن جو ڪجھ وقت اڳ ھڪ نجي اسپتال ۾ دل جو آپريشن بہ ڪيو ويو هو. سردار عطااللھ مينگل بلوچستان جو پھريون چونڊيل وزيراعليٰ ۽ قوم پرست سياست جو چوٿون ٿنڀو ھو جيڪو پنھنجي سخت ۽ اصول پرست سياست جي ڪري ذاتي ڏکن ۽ صدمن مان به گذريو.

والد جي رياست مان بيدخلي
سردار عطا اللھ مينگل جي پيدائش خضدار واري علائقي وڍ ۾ سردار رسول بخش مينگل جي گهر ۾ ٿي. ان جو تعلق مينگل جي شاھزئي قبيلي سان ھو. والد جو سياست سان ڪو به تعلق نه رھيو تنھن ھوندي به ان جو لاڙو قلات رياست جي بدران ڄام آف لسٻيلا جي طرف رھيو. چيف آف جهالاوان ۽ قلات رياست سان اختلافن سبب ھن کي خضدار مان بيدخل ڪيو ويو ۽ ھن لسٻيلي ۾ رھائش اختيار ڪئي. سردار عطا اللھ مينگل شروعاتي تعليم مقامي طور تي حاصل ڪئي ۽ عليٰ تعليم اسلاميا ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي. ھو ننڍي عمر ۾ ئي شاھزئي مينگل قبيلي جو سردار ٿيو. روزاني انتخاب اخبار جي ايڊيٽر انور ساجد ٻڌائي ٿو ته مير غوٽ بخش خان بزنجو کيس ھڪ انٽريو ۾ ٻڌايو هو ته خان آف قلات کي هن سفارش ڪئي ھئي ته ھي ھڪ وڏو قبيلو آھي، ان جي سرداري بحال ڪئي وڃي ۽ ان کان پوِ عطا اللھ مينگل کي سردار ڪيو ويو. شاھزئي مينگل سردارن جو قلات رياست ۽ جهالاوان سان تعلقُ خوشگوار نه رھيو. اختر علي خان بلوچ ”بلوچستان جون نامور شخصيتون“ نالي ڪتاب ۾ خان آف قلات امير احمد يار خان جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ان ھن کي ٻڌايو ھو ته اڄ به ھن اھو منظر ناھي وساريو جڏھن ننڍي عمر ۾ عطاالله جي مٿي تي سرداريءِ جي پڳ ٻڌرائي وئي مان مينگلن کي ھن جي سرداريءَ لاءِ وڏي ڪوشش کان پوءِ راضي ڪيو. لکندڙ کي مير آغا مير حاجي خان ٻڌايو ته ڪراچي مان سيڪنڊري اسڪول مان ننڍي عطاالله کي کڻي قلات آندو ويو ۽ سردار قبيلي جي طور تي ان جي دستاربندي ڪئي وئي. ھي خطرو به پيدا ٿيو ته ڪٿي وڍ پھچندي ھن کي سرداري جي لاءِ ھڪ وڏو اميدوار ڪٿي قتل نه ڪرائي چڏي، ان لاءِ خان آف قلات ان کي (جيڪو ان جو سوٽ ھو) نوجوان عطااللھ مينگل کي محافظن سان گڏ وڍ موڪليو ته جئين ھو اتي وڃي مينگل قبيلي جي سڀني معتبر ماڻھن کي خان جي فيصلي ۽ ان جي قدمن کان آگاھ ڪري ۽ سردار عطاالله جي حفاظت ڪن.

جيپ جو سفر ۽ سياست
سردار عطااللھ مينگل جو سياست ۾ اچڻ جو فيصلو به دلچسپ واقعو آھي. ھڪ ملاقات ۾ جڏھن ھن کان معلوم ڪيو تہ اوھان سياست ۾ ڪئين آيا ته ان تي ھن پنھنجي جواني جو قصو ٻڌايو. پنجاھ جو ڏھاڪو ھو. مان ان وقت صرف سردار ھيس ۽ سياست ۾ قدم نہ رکيو ھو. اسان جي ڳوٺ کان مين روڊ تائين رستو نہ ھو ان ڪري مان ذاتي خرچ تي اھو رستو تعمير ڪرايو ان جو افتتاح رياستِ قلات جي وزيراعظم کان ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو. مقرر ڏينھن تي ھو آيو ۽ اسان ھن کي ڳوٺ وٺي وياسين. رستي سان ڪيتريون ئي نديون گذرن ٿيو، جيڪڏھن ڪو ٿورو بہ ان رستي کان ڀلجي ويو تہ اڳتي ھلي ڦاسي پوي ٿو. مان ان ٽولي کان اڳي وڃي رھيو ھيس پر اھو سوچي گاڏي پوئتي موٽائي تہ ڪٿي مھمان رستو نہ ڀلجهي پون. سردار عطااللھ مينگل جي بقول جڏھن ھو واپس آيو تہ مھمان رستو ڀلجي ويا ھيا. ھن انھن کي ڪراس ڪيو ۽ پوئتي اچڻ لاءِ چيو، اھڙي طرح ڳوٺ پھتاسين. ڳوٺ ۾ کاڌي جو بہ انتظام ڪيل ھو. ان وقت جو ڊپٽي ڪمشنر مون ڏانھن آيو ۽ چيائين تہ وزيراعظم جي اسسٽنٽ کي بہ ماني تي سڏيو. مون چيو دعوت آھي سڀئي ماڻھون کائي رھيا آھن، مان تہ ڪنھن کي بہ نہ چيو آھي؟ ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو تہ اسسٽنٽ ناراض آھي. جڏھن تہ ان ماڻھون سان منھنجي ھي پھرين ملاقات ھئي. مون پڇيو تہ ھو ناراض ڇو آھي؟ ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو تہ توھان ان جي گاڏيءِ کي ڪراس ڪيو آھي. ڊپٽي ڪمشنر جي اھڙي ڳالھ ٻڌي ڪري حيدرآباد ڏکڻ جي نظام جي ڌيءِ جو قصو ياد اچي ويو. جڏھن ھو پنھنجي گاڏيءَ م وڃي رھي ھئي تہ ھڪ انگريز خاتون جنھن اُتان جي ھڪ مقامي ماڻھون سان شادي ڪئي ھئي ان جي گاڏيءَ ھن کي ڪراس ڪيو. نظام جي ڌيءَ حڪم ڏنو تہ ان جي گاڏيءَ کي ريورس ۾ ان جي گهر تائين پھچايو وڃي. فورس وئي ۽ گاڏيءَ کي اھڙي ئي طريقي سان واپس آندو ويو. منھنجي ذھن ۾ ھي ڳالھ ويھجي وئي تہ ڇا ھي زمين منھنجي ناھي؟ مان ڌاريو آھيان؟ ان کان پوءِ مان سياست جي شروعات ڪئي ۽ 90 جي ڏھائيءَ تائين ھي سلسلو جاري رھيو.

پارليماني سياست جي شروعات
بلوچستان جي ترقي پسند قوم پرست اڳواڻ مير غوث بخش بزنجي جو چوڻ ھو تہ ھن ئي سردار عطااللھ مينگل کي سياست ۾ اچڻ جي لاءِ راضي ڪيو ھو ۽ ان جي ئي مشوري تي ھن چونڊن ۾ حصو ورتو. ھن 1956 ۾ اولھ پاڪستان جي اسيمبلي ۾ ڪاميابي ماڻي. ٻن سالن کان پوءِ صدر سڪندر مرزا آئين کي معطل ڪري مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي ۽ اھڙي طرح جنرل ايوب اقتدار تي قبصو ڪيو. سردار عطاالله ان مارشل لا جي مخالفت ڪئي ۽ ان کي جيل وڃڻو پيو. مير غوث بخش بزنجو ۽ نواب خير بخش مري سان گڏجي ڪري انھن بلوچستان نيشنل عوامي پارٽي کي سرگرم ڪيو. سن 1962 جي چونڊن ۾ ھو قلات ڊويزن تان ۽ نواب خير بخش مري ڪوئٽہ ڊويزن تان چونڊيا ويا. جڏھن ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو تہ انھن ان جي ڀرپور مخالفت ڪئي. انھن ٻنھي اڳواڻن جون جوش سان ڀريل ۽ قوم پرست تقريرن نہ فقط بلوچستان ۾ پر ڪراچي جي بلوچ نوجوانن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو. ڪراچي جي ڪڪڙي واري ميدان ۾ ھنن جو جلسو صبح چار بجي تائين جاري رھيو. اڳئين ڏينھن ھن کي رياست سان غداريءَ جي الزام ھيٺ گرفتار ڪيو ويو. رمضان بلوچ پنھنجي ڪتاب ”بلوچ روشن چھرا“ ۾ لکي ٿو تہ عطااللھ مينگل جي تقرير اڄ تائين ان جي ڪنن ۾ گونجي رھي آھي. ھو لياري جي بلوچن جو پسنديدہ بڻجي ويو ۽ مشڪل سان ڪو اھڙو گهر ھيو جتي ان جي تصوير لڳل نه ھئي.

قتل جي الزام ۾ گرفتاري
رياست سان غداري واري الزام جي ڪجھ ئي ھفتن کان پوءِ ھن کي آزاد ڪيو ويو. سرڪار جي مدد سان ھڪ بزرگ ڪرم خان مينگل کي شاھزئي مينگل قبيلي جو سردار مقرر ڪيو ويو. پر قبيلي جي ماڻھن حملو ڪري ان کي قتل ڪري ڇڏيو. جنھن کان پوءِ سردار عطاالله، ان جي بزرگ والد رسول بخش مينگل ۽ ان جي ڀاءُ مھر الله مينگل کي گرفتار ڪيو ويو. قتل جي وقت انھن جي موجودگيءَ کي پوليس ثابت ڪري نہ سگهي ۽ ان جي نتيجي ۾ انھن کي آزاد ڪرڻو پيو ۽ انھن جي سرداري بہ برقرار رھي.
بلوچستان جو پھريون وزيراعليٰ
نيشنل عوامي پارٽي جي پليٽ فارم تان ھن 1970 وارين چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ نواب خير بخش مري، غوث بخش بزنجو ۽ مينگل تي ٻڌل ٽرائيڪا ھن جي وزيراعليٰ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اھڙي طرح ھو بلوچستان جو پھريون وزيراعليٰ ٿيو.

ان چونڊن کان پھريان بلوچستان کي صوبي واري حثيت حاصل نہ ھئي. سردار عطااللھ مينگل ھڪ انٽريو ۾ چيو ھو تہ ڀٽو نيپ کي حڪومت ٺاھڻ ئي نہ ڏيندو پر مجبوريءَ ۾ ھن ائين ڪيو ڇو جو ان وقت فوج ھن سان گڏ ھئي. ان دور ۾ ھن تعليم تي ڌيان ڏنو، بلوچستان جو تعليمي بورڊ، بولان ميڊيڪل ڪاليج ۽ انجنيئرنگ ڪاليج قائم ڪيا. ان عرصي جي دوران نواب خير بخش مري بلوچستان مان سرداري نظام جي خاتمي لاءِ قرارداد پيش ڪئي جنھن جي ھن حمايت ڪئي پر فيصلو وفاقي حڪومت جي اختيار ۾ ھيو ان ڪري ھي قرارداد وفاقي حڪومت ڏانھن اُماڻي وئي پر ڀٽو حڪومت ان تي عمل نه ڪيو. ان جي ڪري ڀٽو حڪومت سان ان جا سياسي ۽ انتظامي معاملن تي اختلاف پيد ٿي ويا. اقرا يونيورسٽي ۾ پوليٽيڪل سائنس ۽ بين الاقوامي تعلقات جي ماھر پروفيسر ڊاڪٽر رضوان زيب اخبار فرائيڊي ٽائيمز ۾ پنھنجي آرٽيڪل ” دي روٽس آف رزنمنٽ“ ۾ لکي ٿو ته عطااللھ مينگل جي حڪومت ۽ وفاق ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو. مينگل 5500 غير مقامي ماڻھن کي بلوچستان مان بيدخل ڪري واپس اُماڻي ڇڏيو جن ۾ اڍائي ھزار کان وڌيڪ پوليس وارا ھئا ان کان علاوہ ھن بلوچستان جي علائقائي محافظن جو وجود عمل ۾ آندو . مينگل ڪوسٽ گارڊن کي مڪران واري ساحلي پٽيءَ تي گشت ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مري ۽ مينگل قبيلن پَٽِ فيڊر واري علائقي ۾ پنجابي آباديءَ تي حملو ڪري ڏنو. رضوان زيب جي مطابق انھن ئي ڏينھن ۾ يعني 1972 ۾ پاڪستان جا ڪيترائي سياستدان جن ۾ گهڻن جو تعلق نيشنل عوامي پارٽي سان رھيو اھي لنڊن ۾ ھيا. اتفاقي طور تي اتي بنگلاديش جو وزير اعظم شيخ مجيب الرحمان به موجود ھو. پاڪستاني ميڊيا خاص طور تي حڪومت جا شايع ڪندڙ ادرا نيشنل پيپر ٽرسٽ واران اخبارن ۾ ھي سرخيون ٺاھيون ويو ته ھي ماڻھون ڀٽو حڪومت جو تخت اونڌو ڪري پاڪستان جي ورهاست ڪرڻ گهرن ٿا. ان کي لنڊن پلان جو نالو ڏنو ويو. ان ئي سال 10 فيبروري تي سڪيورٽي فورسز اسلام آباد ۾ موجود عراقي سفارت خاني مان اسحلو ھٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي جنھن جي لاءِ چيو ويو تہ ھي بلوچ مزاحمتڪارن لاءِ موڪليو ويو آھي. ان کي بنياد بڻائي بلوچستان ۾ 30 ڏينھن جي لاءِ صدارتي نظام لاڳو ڪيو ويو ۽ نواب اڪبر بگٽي کي گورنر لڳايو ويو پر ھو بہ گهڻي عرصي تائين ھلي نہ سگهيو ۽ عھدو ڇڏي ڏنو. ان کان پوءِ احمديار خان کي گورنر لڳايو ويو.
ھڪ ٻئي مسلح جھدوجھد جي شروعات
بلوچستان جي پھرين اسيمبلي ۽ حڪومت جي ان جي قيام جي ڏھن مھينن کان پوءِ ھٽايو ويو ۽ غوث بخش بزنجو، عطاللھ مينگل ۽ نواب خير بخش مري سميت نيپ جي ڪيترن ئي اھم اڳواڻن کي گرفتار ڪري انھن تي حڪومت جي خلاف شازش جو مقدمو ھلايو ويو.

ان کي حيدرآباد شازش جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. رضا زيب جي مطابق حڪومت ختم ڪرڻ جي ڇھن ھفتن کان پوءِ حڪومتي فورسز ۽ قافلن تي حملا شروع ٿي ويا. 18 مئي 1973 تي ھڪ اھم حملو ٿيو جتي تندوري واري علائقي ۾ دير اسڪائوٽ کي نشانو بڻايو ويو. عسڪريت پسندن جي خاص طور تي موجودگي ساراوان، جهالاوان ۽ مري بگٽي واري علائقي ۾ ھئي. جولاءِ 1993 تائين عسڪريت پسندن ڪيترن ئي رستن جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو ۽ ملڪ جي ٻين علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو ريل سروس بہ متاثر ٿي. صحافي ۽ تجزيا نگار شھزادو ذولفقار چئي ٿو تہ قلات ۽ خضدار کان وٺي لسٻيلي تائين بلوچستان ۾ مينگلن جو اثر ھو. ھن پوري منظر نامي ۾ ان وقت تبديلي آئي جڏھن پاڪستاني ايئر فورس 3 سيپٽيمبر 1974 تي چمالانگ تي حملو ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ 125 عسڪريت پسند اجل جو شڪار بڻيا ۽ 900 جي قريب گرفتار ڪيا ويا.
پُٽَ جي جبري گمشدگي
سردار عطااللھ مينگل سياسي سفر ۾ ذاتي طور تي صدمو ڏسڻ وارو پھريون سياستدان ھو. ھو جڏھن ڪراچي ۾ قيد ھو ان وقت ھن جي پٽ اسد مينگل جي گمشدگي جو واقعو پيش آيو. ذولفقار علي ڀٽو ”افواهه ۽ حقيقت“ ۾ لکي ٿي تو تہ ھن کي سنڌ جي وزيراعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ ٽيليفون تي ٻڌايو تہ شھر ۾ ڪو غير معمولي واقعو ٿيو آھي. وزيراعليٰ سنڌ کي آءِ جي سنڌ ٻڌايو تہ سردار عطااللھ مينگل جي پٽ کي بلخ شير مزاري جي گهر مان اغوا ڪيو ويو آھي پر اھو معلوم ناھي ٿي سگهيو تہ اغواڪار ڪير آھن. غلام مصطفيٰ جتوئي جي مطابق ھڪ اکين ڏٺي شاھد پوليس کي خبر ڏني تہ اسد مينگل پنھنجي دوست احمد شاھ ڪرد سان گڏ واقعي جي رات بلخ شير مزاري جي گهر آيو ھو. ان وقت بلخ شير مزاري گهر ۾ موجود نہ ھو. چيو وڃي ٿو تہ ڪنھن گهر جو دروازو کوليو اسدالله ۽ ان جو دوست گهر ۾ داخل ٿيا ۽ اتي ويھي رھيا. ڪجھ ئي دير کان پوءِ ٻئي ٻاھر آيا ۽ پنھنجي ڪار ۾ سوار ٿيا. جئين ئي گهر جو دروازو بند ٿيو تہ گوليون ھلڻ جي آواز آئي. سال گذري ويا، اسد مينگل جي نہ ئي لاش ملي ۽ نہ ئي وري ڪٿا زندہ ھجڻ جو ڪو ڏس ملي سگهيو. ان جو شمار بلوچستان مان جبري گمشدہ وارن پھرين ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو.

جنرل ضياالحق جو دور ۽ رھائي
جنرل ضياءُالحق ذولفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي ڇڏي. ھن بلوچ اڳواڻن ڏانھن نرم رويو اختيار رکيو، شھزادہ ذولفقار جي مطابق جنرل ضياالحق بلوچن سان ملاقات ڪئي. انھن ھن کي ٻڌايو تہ ھنن سان ظلم ۽ ناانصافي ٿي آھي جنھن کان پوءِ گرفتار ماڻھون آزاد ٿيا ۽ سياسي گرمي پد معمول تي آيو. مير غوث بخش بزنجو چيو تہ بلوچ وفاق ۾ ئي رھن تہ بھتر آ. مينگل ۽ مري ان تي خاموش رھيا. عطااللھ مينگل لنڊن ۽ خير بخش مري افغانستان ھليو ويو. ھن ھڪ ٻيو رستو اختيار ڪيو ۽ پنھنجن ماڻھن کي افعانستان سڏائي ورتو. عطااللھ مينگل لنڊن ۾ سنڌي ۽ بلوچ قوم پرستن تي ٻڌل ” ورلڊ بلوچ آرگنائزيشن“ قائم ڪئي. بزنجو پاڪستان ۾ ئي رھيو ۽ بي اين پي کي وجود ڏنائين. سردار عطااللھ مينگل 1996 ۾ وطن واپس آيو. ان بي اين پي کي نئي سري سان جوڙيو. سن 1997 وارين چونڊن ۾ بي اين پي اڪثريت واري پارٽي سامھون آئي ان جو پٽ اختر مينگل وزيراعليٰ بلوچستان ٿيو ۽ ھن پاڻ عملي سياست کي خيرباد ڪيو.
نواب خير بخش جي ويجهو
سردار عطااللھ مينگل کي سياست ۾ وٺي اچڻ وارو مير غوث بخش بزنجو ھو پر ھو نواب خير بخش مري جي به ويجهو رھيو ۽ ٻئي ھڪ ٻئي جي فيصلن تي اثر انداز بہ رھيا. بعد ۾ ھن دوستي رشتيداري جو روپ بہ اختيار ڪيو. ان جو پٽ جاويد مينگل نواب خير بخش مري جو نياڻو ٿيو. انتخاب اخبار جي ايڊيٽر انور ساجدي جو چوڻ آھي تہ سردار عطااللھ مينگل سياست ۾ ڪيترا ئي لاھا چاڙھا ڏٺا. مير غوث بخش بزنجو پاڪستان جي انتظامي ڍانچي ۾ پارليماني جمھوري سياست ۾ يقين رکندو ھو جڏھن تہ سردار عطااللھ مينگل اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ آزادي جي ڳالھ ڪندو ھو، خيربخش مري اھا ڳالھ گهڻي ئي عرصي کان ڪري رھيو ھو پوءِ نظرياتي طور تي ھي انھن جي ويجهو ٿي ويو. ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ، بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن (بي ايس او) جو پھريون صدر آھي. نيشنل عوامي پارٽي جي ٽڪيٽ تي ھن 1970 جي چونڊن ۾ رياست قلات جي شھزادي کي شڪست ڏني. ھن جو چوڻ آھي تہ سردار عطاالله جڏھن سياست ۾ آيو تہ قبائلي سردار ھجڻ جي باوجود ھن قبائلي ۽ سرداري جاگيرداري نظام جي خلاف ڀرپور جدوجھد ڪئي ۽ ھڪ مثبت سوچ وطن دوست ۽ قوم پرست جي حوالي سان اھم ڪردار ادا ڪيو.

ھي ھڪ وڏي ڳالھ آھي تہ ھڪ وڏي رتبي يا مراعتن واري طبقي ۾ ھجڻ جي باوجود ھن پنھنجي طبقي جي خلاف وڏي جدوجھد ڪئي. ان جي حڪومت قائم ٿيڻ سان بلوچ عوام ۾ ھي احساس پيدا ٿيو تہ ھي اسان جي حڪومت آھي. ھي سڀ کان وڏو ڪم ٿيو، ھن ھي يقين ۽ حوصلو ڏنو تہ ھاڻي اوھان جا ماڻھون آھن، توھان جي ڪري آھن.
جنرل پرويز مشرف جي دورِ حڪومت ۾ پاڪستان ۾ موجود سڀني قوم پرست جماعتن پونم نالي قومي اتحاد قائم ڪيو تہ سردار عطااللھ مينگل ڪجھ عرصي کان پوءِ ٻيھر سياست ۾ آيو ۽ ان اتحاد جو اڳواڻ ٿيو. نواب اڪبر جي موت ۽ بعد ۾ بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ۽ اختر مينگل جي گرفتاري سان ھن جي مزاج ۾ تلخي ايندي وئي ان جو رايو ميڊيا مان غائب ٿي ويو ۽ زندگي جي آخري ڏينھن ۾ ھن ميڊيا سان ڪو بہ تعلق نہ رکيو. بي بي سي سان ھن ڳالھائيندي هن چيو ته ” اسان پاڪستان کان ناراض نه پر بيزار آھيون.“ (هي مضمون بي بي سي اردو تي شايع ٿيو جيڪو جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو.).










