راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ قوم ۽ حڪومت جي گڏيل موقف جي ضرورت آهي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 257 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سلامتي واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جڏهن ته خطي جي سيڪيورٽي وارن معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته فوجي قيادت ملڪ کي پيش ايندڙ چيلينجز کان چڱي ريت واقف آهي ۽ عوام جي سهڪار سان پنهنجي آئيني ذميوارين نڀائڻ جو عزم ڪري ٿي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هٿياربند فوج ڪنهن به اندروني يا ٻاهرين خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي سيڪيورٽي فورسز اولهه وارن سرحدي علائقن ۾ ڳجها آپريشنز ڪري رهي آهي آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ قوم ۽ حڪومت کي گڏيل موقف اختيار ڪرڻ گهرجي، حڪومت دهشتگردن خلاف دهشتگردي جي روڪٿام مهم جي منظوري ڏي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته فورم نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي پاران طئي ٿيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل عزم جي خاطري ڪرائي وئي










