ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس جي مختلف آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ جيڪو گريڊ 20 هين جو آفيسر آهي تنهنن جون خدمتون وفاقي حڪومت سنڌ کان واپس وٺندي ايف آءِ ا3 حوالي ڪيون آهن. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي چارج سکر جي ڊي آءِ جي حوالي ڪئي وئي آهي. ايڊيشنل آءِ جي (اسٽيبليشمينٽ اينڊ ٽريننگ) آفتاب پٺاڻ جي چارج ڇڏڻ کانپوءِ اها اضافي چارج اسپيشل برانچ جي ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب منهاس کي سونپي وئي آهي ، سيد محمد عباس رضوي کي ايڊيشنل ڊي آءِ جي (ايڊمن) انويسٽيگيشن ڪرائيم برانچ، شاد ابن مسيح کي ايس ايس پي انٽيلجنس اسپيشل برانچ، علي بخش عرف آفتاب نظاماڻي کي ايس پي اسپيشل برانچ حيدرآباد، عامر عباس شاهه کي ايس پي ڪمپلينٽ سيل حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي، سجاول مان بدلي ڪيل ايس پي امير سعود مگسي کي ڪراچي ڏکڻ ۾ ايس پي ٽريفڪ مقرر ڪيو ويو آهي، جتي اڳواٽ مقرر ٿيل اسد اعجاز ملهي کي ڪراچي پوليس آفيس ۾ رپورٽ ڪرائي وئي، ارم اعواڻ کي ايس پي ٽريفڪ ويسٽ ۽ طاهر احمد نوراني کي ايس پي ملير زون مقرر ڪيو ويو آهي.










