عدم تحفظ ۽ انيڪ مسئلن جو شڪارصحافي ـ ـ ـ !!

عدم تحفظ ۽ انيڪ مسئلن جو شڪارصحافي ـ ـ ـ !!

نورسنڌي
اڄ 3مئي تي سڄي دنيا سان گڏ اسان جي پياري پاڪستان ۾ به صحافت جو عالمي ڏينھن ملھائجي رھيو آھي جيڪو 91ع کان نيمبيا کان ملھائيڻ شروع ٿيو جڏھن ته 93ع کان اقوام متحده پاران ان ڏينھن کي آزاد صحافت طور ملھايو وڃي ٿو ان ڏينھن تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اسان صحافي برادري ان ڳالھ جو عھد ڪندا آھيون ته ڪنھن به دٻاء تشدد ڪوڙن ڪيسن يا رياستي دٻاء کان ڊڄڻ بجاء آزاد صحافت جو ڪنڌ اوچو رکڻ لاء ھر قرباني ڏئي ّذميداري ايمانداري سان صحافتي فرض ادا ڪندي حق سچ لکنداسين اڄوڪي ڏينھن تي صحافت جي آزادي کي يقيني بنائيڻ ميڊيا کي درپيش مسئلن مشڪلاتن خطرن بابت دنيا کي آگاه ڪرڻ بچاء لاء حڪمت عملي جوڙڻ صحافتي فرض نڀائيندي قتل زخمي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيل صحافين سان يڪجھتي جو اظھار ڪرڻ آھي صحافت جي تاريخ قديم آھي صحافت جي شروعات صحيفن کان شروع ٿي جڏھن حاڪم بادشاھ پنھجن عملدارن ڏانھن تازن تڪڙن حڪمن پھچائيڻ لاء انھن کي استعمال ڪيو ھر صۡحيفو نئين خبر ھوندي ھئي ۽ جيڪي نوان حڪم ۽ شريعتون اڳين نبين ڏانھن موڪليون ويون اھي به صحيفا سڏجن ٿيون انھن ۾ به نئين ڄاڻ ھوندي آھي صحافت ڪنھن به معاملي جي باري ۾ تحقيق بعد آواز تصوير تحرير جي شڪل ۾ ماڻھن وٽ پھچائيڻ جي عمل جو نالو آھي چون ٿا پھرين اخبار 1605ع ۾ شايع ٿي صحافت حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ پل وارو ڪردار ادا ڪري ٿي سنڌي صحافت جي تاريخ به پراڻي آھي سنڌي اخبارون 1900ع کان به اڳ شايع ٿيڻ شروع ٿيڻ ٻڌايو وڃي ٿو تاريخ تي نظر وجھبي ته ملڪ جي آزادي واري تحريڪ ۾ به سنڌي اخبارن جو وڏو ڪردار رھيو گھڻيون سنڌي اخبارون سنڌي ھندن شايع ڪيون آزادي بعد سنڌي ھندو صحافين جي لڏ پلاڻ بعد سنڌي صحافت لاء ڏاڍا ڏکيا ڏينھن آيا پر 51ع بعد سنڌي صحافت جي اوسر ٿي ماضي ۾ ھٿ جي ڪمپوزنگ ٿيندي ۡھئي 80ع کانپوء ڪمپيوٽر جي ڪري سنڌي صحافت وڌيڪ ترقي ڪئي اڳ خبرون آرٽيڪل پوسٽ ريل گاڏي ذريعي يا ۡھٿو ھٿ اڳتي ھلي خبرون فون تي موڪليون وينديون ھيون ان بعد فيڪس آئي ۽ ھاڻ انٽر نيٽ جي سھوليت سان صحافت وڌيڪ آسان ٿي وئي آھي اخبارن رسالن بعد ماشاالله وڏي تعداد ۾ ٽي وي چينل ايف ايم ريڊيو به کان پوء سوشل ميڊيا جي ترقي بعد ماشاالله ويب ٽي وي ۽ پي ڊي ايف اخبارن جو جھڙوڪ سيلاب آيل آھي ويب ٽي وي ۽ پي ڊي ايف اخبارن جو وڏو تعداد رجسٽرڊ ئي نه آھي -جڏھن ته فيس بوڪ تان لائيو پروگرام مختلف تقريبات ھلايون وڃن ٿيوم اڄ جي دور ۾ ته جنھن وٽ ٽچ موبائيل آھي اھوبه پاڻ کي صحافي سمجھي ٿو جڏھن ته سوشل ميڊيا ايتري ته تيز آھي ھئڻ ڪري صحافت وڌيڪ آسان ٿي آھي صحافين جو وڏو تعداد مختلف واقعن جا وڊيو تصويرون خبرون سوشل ميڊيا تان کڻن ٿا سوشل ميڊيا جي ڪري اخبارن جي کپت ۾ رڪارڊ ٽوڙ گھٽتائي آئي آھي نجي ٽي وي ڏسندڙن ۾ پڻ گھٽتائي آئي آھي ھن دور ۾ جتي ڪاغذ ڇپائي خرچ ڀاڙن ۾ رڪارڊ ٽوڙ اضافو اچڻ ڪري اخبارون ھاڻ سڪڙبيون وڃن ساڳيو حال ننڍن ٽي وي چينلن ايف ايم ريڊيو جو آھي اڄ جي دور ۾ ميڊيا ادارن جا حال رحم جوڳا آھن- ماضي ۾ اخبارن لاء حڪومت پاران ڪاغذ جي ڪوٽا ھوندي ھئي جيڪا ڪافي وقت کان بند آھي ھن دور ۾ ننڍئين اخبارن کي اشتھار ڪھڙن شرطن تي ملن ٿا ڪنھن کان ڳجھو نه آھي ـ اھڙو عمل يقينن پرنٽ ميڊيا جي رستا روڪ آھي ماضي ۾ اخبارن کي اشتھار ميرٺ تي ملندا ھئا جن جون بقائون تڪڙيون ملنديون ھيون ھاڻ ته اشتھارن ملڻ جا طريقا عجيب آھن -پاڪستان صحافين جي حوالي سان دنيا جي انھن خطرناڪ ملڪن ۾ شامل آھي جتي صحافين کي ڪڏھن فوجي آمر ڪڏھن جمھوري اڳواڻن ڪڏھن دھشت گردن -لينڊ مافيا ڪڏھن انتھا پسند مذھبي تنظيمن پاران خطرو رھندو آيو آھي ۡسڌي يا اڻ سڌي طرح انھن ڌرين ھٿان صحافي ماريا تشدد جو شڪار ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايا وڃن ٿا اھڙي صورت حال ۾ صحافي سيلف سنسر شپ لڳائيڻ تي مجبور آھن – ھاڻ وري پاڻ کي جمھوريت پسند حڪمرانن پيڪا قانون لاڳو ڪري اظھار جي آزادي جو گلو گھٽيو ويو آھي ـ خلق خدا کي اظھار جي آزادي کسي وئي آھي ھن ملڪ کي 79سال گذرڻ جي باوجود ظاھري طور طئي نه ٿي سگھيو آھي ته رياست ۽ ميڊيا جي وچ ۾ تعلقات ڪھڙا ھئڻ گھرجن نه وري اھو طئي ٿي سگھيو آھي ته آزاد صحافت رياست لاء فائديمند آھي ـ صحافين جي لاء اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ سنڌآھي -جتي سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ صحافين جو قتل تشدد ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتاريون گھٽجڻ بجاء وڌي رھيا آھن جنھن جو مک سبب قتل ۽ مختلف زيادتين جو شڪار ٿيندڙ صحافين جا مجرم ۽ انھن کان اھڙو ڪرائيندڙ محراڪا سزائون کان بچي وڃن ٿا- سنڌ ۾ سدائين سچ لکندڙ صحافين کي لٺ يا چٺ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي لٺ جي پرواه نه ڪندي چٽ کي ٺڪرائي صحافتي فرض نڀائيندڙ صحافين کي قتل ڪيو وڃي ٿو خوني حملا ڪرايا ۽ ڪيا وڃن ٿا ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي انھن کي گرفتار ڪري ٿاڻن تي ڪپڙن کان آجو ڪري ڪنھن ڏوھاري وانگر تشدد ڪيو وڃي ٿو جتان جيل ۾ موڪلي جيل پوليس کان به تشدد ۽ طرح طرح جون جٺيون ڪرايون وڃن ٿيون صحافين جي مٽ مائٽن کي انتقامي ڪارواين جو شڪار بنايو وڃي ٿو ڪيترن ئي صحافين مٿان مختلف ٿاڻن تي دھشت گردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي – اسان وٽ ھر دور جو حڪمران آزاد صحافت جو راڳ الاپيندو رھيو آھي صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ کي يقيني بنائيڻ جون دعوائون اعلان واعده به ڪندا رھيا آھن جيڪي وقت گذرڻ سان ھوا ۾ اڏاميو وڃن ٿا اھڙي صورت حال ۾ سنڌ اندر صحافت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آھي ٻئي طرف بدقسمتي سان سوچيل سمجھيل سازش تحت صحافت جھڙي صحافت جھڙي مقدس پيشي ۾ منشيات جوا فحاشي اڏا ھلائيندڙ ڏوھاري ٻه نمبري ماڻھون سردارن ڀوتارن جا نوڪر منشي ڪمدار تيزي سان صحافت ۾ گھڙي آيا آھن ماضي ۾ جيڪي رپورٽر ٿيڻ لاء اخباري ادارا باقائيده انٽرويو ڪندا ھئا ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي ھئي پر ۡھاڻ ڇند ڇاڻ ڇند وڏن ميڊيا ادارن کانسواء اھو سلسلو ختم ٿي ويو آھي ھاڻ ته ڊمي اخبارن جون پنج ڪاپيون گھرايو خاص موقعن تي اشتھار وٺرائي ڏيو رپورٽر ٿي وڃو ھن وقت سنڌ ۾ سوين ويب ٽي وي ۽ پي ڊي ايف اخبارون جا به جيڪي ھزارين ماڻھون رپورٽر ٿيا آھن اھي به صحافي سڏائين پيا انھن کي مقرر ڪرڻ لاء به ڪو فارمولو نه آھي سوشل ميڊيا کان وٺي نجي ڪچھرين ۾ اھي بعث ھلي رھيا آھن ته ويب ٽي وي ۽ پي ڊي ايف جا جيڪي نمائيده آھن اھي صحافي آھن يا نه ان جو سھي جواب ته سينئر صحافي ڏئي سگھن ٿا پر اسان اھو سمجھون ٿا ته اگر اھي عوام جو آواز بنيل آۡھن بنا لالچ اھڙو ڪم ڪن ٿا ته اھي انھن رجسٽرڊ اخبارن سيٽ لائيٽ ٽي وي چينلن جي نمائيدن کان بھتر آھن جيڪي ڀتا خوري کن ٿا آفسيرن ڀوتارن پوليس جا منشي بنيل آھن اسان وٽ صحافين جي تربيت جي به کوٽ آھي- ماضي ۾ سينئر صحافي جونئرن جي تربيت ڪندا ھئا ھاڻ وري صحافت ۾ اچي مال ڪئين ڪمائجي ڀوتارن آفيسرن جي واٺا گيري ڪئين ڪجي جي تربيت جا ڪيترائي پاڻ کي عامل ڪامل سڏائرندڙ نامنۡھاد پاڻ کي صحافي سڏائيندڙ مصروف عمل نظر اچن ٿا سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ وڏن شھرن کي ڇڏي باقين شھرن ڳوٺن جا جيڪي صحافي آھن اھي جھڙا بيگار ڪئمپن ۾ ھجن انھن جون ادارن پاران نه پگھارون نه ڪي سھولتون اھڙي حال ۾ 99سيڪڙو صحافين جو مجبورن گذر ڀتا خوري تي باقين ھڪ سيڪڙو سرندي وارا آھن جيڪي پنھجي عزت ناموس لاء صحافت ۾ آيا آھن جيڪي وري صحافت ذريعي مختلف طريقن سان فائدا وٺن ٿا- سنڌ سميت سڄي ملڪ جو صحافي نه صرف قانون نافظ ڪندڙ ادارن انٽيلي جنس ايجينسين سردارن ڀوتارن مذھبي گروھن سياسي پارٽين تنظيمن جي ڪارڪنن ڪرپٽ ماڻھن جي ھٿان تشدد جو نشانو بنجن ٿا کين کنڀي کڻي يرغمائيل بنائي تشدد کان وٺي طرح طرح جي جٺين جو نشانو بنايو وڃي ٿو – آزاد صحافت جي ڳالھ ڪندڙ ھر دور جي حڪمرانن پاران پروفيشنل صحافت ڪندڙ اخبارن نجي ٽي وي چينلن جي معاشي رستا روڪ ڪندي سرڪاري اشتھار بند ڪري اشتھارن جون بقائون روڪي مالي مشڪلاتن جو شڪار ڪندا رھيا آھن پيرا جي ذريعي اھڙن چينلن جي نشريات روڪي وڃي ٿي -ھن ملڪ جي صحافين جون ھر غير جمھوري دور ۾ جمھوريت جي بحالي لاء صحافتي جدوجھد رھي آھي جنرل ضياء جي آمرانه دور ۾ سنڌ جي صحافين جو نه صرف صحافت جي آزادي لاء پر جمھوريت جي بحالي لاء ڊگھي جدوجھد ۽ قربانيون رھيون آھن اھڙي جدوجھد ڪرڻ جي پاداش ۾ ڪيترن ئي صحافين کي جيل واڙيو ويو ان جدوجھد ۾ مشھور صحافي مھناج برنا جو تاريخي ڪردار رھيو جنھن ڪري ان زماني ۾ سڄي ملڪ جي صحافين جي اڪثريت تيري ساٿ جينا تيري سات مرنا مھناج برنا جا نعره گونجندا ھئا مھناج برنا صحافين جي دل جي ڌڙڪن بنيل ھو- جنرل ضياء جھڙي ڪاري دور ۾ به سسنر شپ ھئڻ جي باوجود ادارا ٽيڪنيڪل انداز ۾ سڇ حقيقتن کان عوام کي آگاه ڪندا ھئا آزاد صحافت تي وار جنرل ضياء جي وقت کان وڌيڪ ھر جمھوري دور ۾ ٿيو آھي ھاڻ ته ڪافي ميڊيا ادارا آزاد صحافت ڪرڻ جي بجاء مختلف سياسي پارٽين جا ترجمان بنجي ويا آھن ھر ميڊيا اداري جي پنھجي پاليسي اھي ادارا خلق خدا جو آواز گھٽ انھن سياسي پارٽين جو آواز وڌيڪ بنيل آھن – اسان کي اميد ھئي ته جمھوري دور حڪومت صحافت جي آزادي کي يقيني بنائينديون صحافين کي تحفظ ڏيڻ کان وٺي بنيادي سھولتون ڏنيون وينديون پر ٻين پارٽين کي ته ڇڏيو پر جمھوريت جي چئمپن سڏائيندڙ پ پ جي ھر دور ۾ به صحافت جي آزادي صحافين کي تحفظ ۽ صحافين جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان حمڪرانن مايوس ڪيو آھي – سنڌ حڪومت جون مھربانيون جون جرنلسٽ پروٽيڪشن بل سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايو پر ان بل تي جيڪو عمل ٿي رھيو آھي اھو ڪنھن کان لڪل نه آھي اڄ به صحافي عدم تحفظ جو شڪار آھي سچ لکڻ ڪري ظلم زيادتين جو شڪار ٿيندڙ صحافين کي انصاف نٿو ملي- ملڪ جي صحافين کي تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ وڏيون اميدون ھيون ته صحافين جا جيڪي مسئلا ماضي جون حڪومتون نه ڪري سگھيون آھي اھي حل ٿيندا پر عمران خان جي حڪومت جي پھرين ترجيح اھا رھي ته ھن ميڊيا ادارن جا اشتھار بند ڪيا بقايائون روڪي معاشي رستا روڪ ڪئي – نواز ليگ جي ھر دور جيان شھباز شريف جي دور ۾ به صحافي مايوس آھن-ھاڻ ته اھو ٽرينڊ شروع ٿي ويو آھي ته وڏي سياسي پارٽي پنھجا چينل ۽ اخبارون شروع ڪري رھيا جيڪي پنھجي پارٽين جا ترجمان بنيل آھن ماضي ۾ ميڊيا ادارا خدمت به بزنس ڪندا ھئا ھاڻ ته چند ميڊيا ادارن کي ڇڏي باقين رڳو بزنس ڪن پيا-ھن ملڪ ۾ بدقسمتي اھا به رھي آھي ته وفاقي توڙي صوبائي اطلاعات کاتا حڪومت ۽ صحافت جي وچ ۾ ڪمزور پل وارو ڪردار ادا ڪندا رھيا آھن- پي آء ڊي توڙي اطلاعات کاتو سنڌ جي نظر ۾ شايد صرف ڪراچي حيدرآباد سکر شھيد بي نظير آباد لاڙڪاڻو ميرپور خاص جي پريس ڪلبن ۾ صحافي آھن جو ھو انھن جي ته مالڪي ڪندا رھيا آھن پر ننڍن شھرن جي پريس ڪلبن جي ڪا مالڪي نه آھي وڏن شھرن جي نور نظر صحافين جي وقت به وقت مالي مدد ته ڪئي وڃي ٿي پر ننڍن شھرن جا صحافي اڄ به نظر انداز آۡھن لڳي ٿو ننڍن شھرن جي صحافين کي ماضي کان حال تائين حڪمران صحافي نٿا سمجھن اطلاعات کاتو وقت به وقت غريب صحافين جي نالي تي سرندي وارن نور نظر صۡحافين جي مالي مدد ته ڪن ٿا پر جيڪي حقيقي غريب صحافي آۡھن انھن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو جڏھن سنڌ ۾ پ پ جي 2008ع واري دور ۾ جڏھن اطلاعات کاتي جو وزير شرجيل ميمڻ ٿيو تڏھن سنڌ صحافي سنگت صحافين جي بنيادي مسئلن جي حل تحفظ لاء ھڪ ڀرپور مھم ھلائيڻ جي نتيجي ۾ شرجيل انعام ميمڻ تنظيم جي پنج رڪني وفد سان تفصيلي ملاقات ڪئي سڀ مسئلا ٻڌا ۽ لکت ۾ به ورتا انھن مان 10مسئلا فوري حل ڪرڻ ۽ باقين 20مسئلن جي حل لاء گڏجي سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات جو اعلان ڪيو ليڪن بار بار يادڌياني ڏيارڻ جي باوجود نه اۡھي مسئلا حل ٿيا نه سنڌ جي وڏي وزير سان گڏيل ملاقات ڪرائي جڏھن مشرف دور ۾ آصف زرداري پاڻ مرادي جلاوطني ختم ڪري ملڪ وريو ۽ لطيف سائين جي مزار تي آيو ته مونکي ساڻس بيٺي پير مختصر ملاقات جو موقعو مليو ته کين عرض ڪيو ته سنڌ جي صحافين جون جمھوريت جي بحالي لاء جدوجھد ۽ قربانيون رھيون آھن لطيف سائين جي درٻار ۾ دعا ٿا ڪريون ته ايندڙ دور پ پ جو ھوندو مھرباني ڪري صحافين جا بنيادي مسئلا حل ڪرائيڻ ۽ صحافين جي تحفظ کي يقيني بنائيڻ لاء ڪجھ ڪرڻ جي مھرباني ڪجو پاڻ لطيف جي پڙ ۾ واعدو ڪيو ته ائين ٿيندو پر جڏھن پ پ جي حڪومت آئي پاڻ صدر پاڪستان بنيا ته مون کين سنڌ صحافي سنگت جي پيڊ تي خط لکي کين ياداشت ڏياري ۽ ملاقات لاء عرض ڪيو پر صدر ھائوس مان ليٽر مليو ته صدر مملڪيت تمام گھڻو مصروف آھي ان ڪري فوري ملاقات نٿي ٿي سگھي ان بعد مسلسل ياداشت ناما موڪليندا رھياسين پر ھر دفعي ساڳي ڳالھ ورجائي وئي ۽ آصف علي زرداري صاحب جنھن لاء مشھور آۡۡھي ڪيل ھر واعدو وفا ڪندو آھي پر سنڌ جي صحافين جي اشو تي ڪيل واعدو وفا نه ڪيو
سنڌ جي صحافتي تنظيمن تي نظر وجھبي ته يونين آف جرنلسٽ مھناج برنا گروپ جي غير سرگرم ٿيڻ بعد 92ع ڌاري منھجي ڪوششن سان قائيم ڪيل سنڌ صحافي سنگت سنڌ صۡحافين جي حقن جي حاصلات مسئلن جي حل لاء ھر طرح سان جدوجھد ڪئي آھي شھيد ٿيندڙ صحافين جي قاتلن جي گرفتاري لاء سچ لکڻ ڪري زيادتين جو شڪار صحافين جي مالڪي ڪندي کين انصاف ڏيارڻ لاء جدوجھد ڪرڻ ڪري سنڌ جي صحافين ۾ وڏي مقبوليت ماڻي اسان ھر شھر ۾ يونٽ قائيم ڪيو وقت به وقت سڄي سنڌ جا دورا ڪيا اٺ ھزارن کان وڌيڪ ميمبر شپ فارم ڀريا جن شھرن ۾ ھڪ کان وڌيڪ پريس ڪلبس آۡھن اتي دوستن جا اختلاف ختم ڪري ھڪ شھر ۾ ھڪ پريس ڪلب لاء مھم ھلائي پر دوستن جي انا پرستي جي ڪري ڪاميابي نه ماڻي سگھياسين اڄ ماشاالله سنڌ ۾ صحافين جو مختلف نالن سان لاتعداد صحافي تنظيمون آھن ھر ڪو پنھجي تنظيم لاء دعوا ڪري ٿو ته صحافين جي نمائيده تنظيم آھي پر معذرت سان جيتريون صحافين جون تنظيمون وڌيون آھن ايترا صحافين جا مسئلا وڌيا آھن صحافين جي تنظيمن جي وڏڻ بعد صحافي الڳ گروپن ۾ ورھائجي ويا آھن سنڌ جي اترين علائقن ۾ ته ڪجھ صحافي تنظيمون ڏنڊي جي زور تي ميمبر بنائيڻ جي ڪوشش ڪندي ميمبر نه ٿيندڙ صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا وڃن ٿا صحافين تي تشدد ڪرايو وڃي ٿو۽ اھڙو سلسلو جاري آھي افسوس جو سنڌ صحافي سنگت سميت سڀئي صحافي تنظيمون صحافين جي مسئلن لاء عملي جدوجھد نه ڪري سگھيون آھن صحافت جي عالمي ڏينھن تي سنڌ جي سڀن صحافين کي گذارش آھي ته صحافتي مفادن لاء انا پرستي ختم ڪري ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيو -سنڌ جي سڀني صحافي تنظيمن جي روح روان دوستن کي ھٿ ٻڌي عرض ڪندس ته اچو صحافين جي سڀني تنظيمن جو ڱڏيل مظبوط ڪوآرڊينيشن جوڙيون ھر شھر ۾ ھڪ کان وڌيڪ پريس ڪلبون ختم ڪرايون ھر شھر ۾ ھڪ ئي پريس ڪلب لاء عملي ڪوشش ڪيون پريس ڪلبن جا ورڪنگ صحافين لاء به بند پيل دروازا کولرائيڻ صحافين جا بنيادي مسئلا حل ڪرائيڻ تحفظ ڏيارڻ لاء عملي جدوجھد ڪريون- سنڌ ۾ سچ لکڻ ڪري جتي به صحافي شھيد ٿئي ٿو ڪنھن صحافي تي حملو ڪوڙو ڪيس داخل ٿئي تو صحافتي فرض نڀائيڻ کان روڪڻ لاء ڌمڪائي حيراسان ڪرڻ وارن عملن خلاف اسان سڀن کي ھڪ ٿي گڏيل جدوجھد ڪرڻ گھرجي اسان جي صحافي تنظيمن جا رستا الڳ سھي منزل ته ھڪ آھي ان ڪري اسان سڀن کي انا پرستي ڇڏي ھڪ ٿي پنھجي مسئلن جي حل حقن جي حاصلات لاء سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪيل جرنلسٽ پروٽيڪشن بل تي عمل ڪرائيڻ- سچ لکڻ جي پاداش ۾ صۡحافين تي ٿيندڙ زيادتين خلاف ۽ صحافت جھڙي مقدس پيشي ۾ گھڙي آيل ٻه نمبر ماڻھن جي ھر طرح سان رستا روڪ ڪرڻ – شھيد صحافين جي پوئين لاء حڪومت پاران مالي مدد وظيفا مقرر ڪرائيڻ ننڍن شھرن جي پريس ڪلبن کي حڪومت پاران فند ڏيارڻ پنجاھ سالن کان مٿي عمر وارن غريب ورڪنگ صحافين کي اطلاعات کاتي پاران ماھوار وظيفو ڏيارڻ ھر ورڪنگ صحافي جي گروپ انشورنس ڪرائيڻ ھيلٿ ڪارڊ ڏيارڻ جن شھرن ۾ پريس ڪلب جون پنھجون بلڊينگون به آھن جن شھرن ۾ صحافي ڪالونيون نه آھي اتي اھي ڏيارڻ غريب بيمار صحافين جو سرڪاري طور سٺين اسپتالن مان اعلاج ڪرائيڻ ماضي وانگر صحافين کي بين الصوبائي دورا ڪرائيڻ اطلاعات کاتو سنڌ پاران ساليانه بھترين صحافي ايوارڊ تقريب ڪرائڻ تعلقي شھر سطح تي ھر ورڪنگ صحافي کي ايڪريڊيشن ڪارڊ ڏيارڻ ۽ ٻين مسئلن جي لاء گڏيل طور عملي جدوجھد ڪريون اسان صحافت جي عالمي ڏينھن تي صحافت جي آزادي لاء صحافتي فرض ادا ڪندي شھيد ٿيندڙ زيادتين جو شڪار ٿيندڙ صحافين ۽ سچي صحافت ڪندڙن کي سلام ٿا پيش ڪريون ٿا

پهنجو تبصرو موڪليو