عدم اعتماد جي رٿ تي ڪاروائي لاءِ اسمبلي اجلاس طلب

عدم اعتماد جي رٿ تي ڪاروائي لاءِ اسمبلي اجلاس طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي جي اسپيڪر سڀاڻي 25 مارچ تي صبح 11 وڳي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي جنهن جي 15 نڪاتي ايجندا تي اپوزيشن پاران وزيراعظم عمران خان خلاف پيش ڪيل عدم اعتماد جي رٿ به شامل آهي. هوڏانهن پيپلز پارٽي جو پارلياماني پارٽي جو اجلاس آصف غلي زردراي ۽ بلاول ڀٽو جي گڏيل صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ حڪمت عملي مرتب ڪئي وئي. ذريعن موجب فيصلو ڪيو ويو ته اجلاس ملتوي ٿين نه ڏنو ويندو ۽ جمعي نماز بعد به اجلاس جي ڪاروائي هلائڻ لاءِ زور ڀريو ويندو. ٻئي پاسي شهباز شريف چيو آهي ته اجلاس ملتوي ڪرن نه ڏينداسين رولز ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته ميمبر جي فوت ٿيڻ جي صورت ۾ فاتحه بعد ڪاروائي ملتوي ڪئي وڃي، اها هڪ  روايت آهي

پهنجو تبصرو موڪليو