اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ماحوليات واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته عدليه ۽ بينچ ۾ ورهاڱي انصاف جي نظام تي سوال اٿاريا آهن.هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته بينچ ۾ شامل ججن ئي پاڻمرادو نوٽيس ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ تي اعتراض اٿاريا.وفاقي وزير مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ بينچ ٺاهي ته جيئن عدليه ۾ ڊويزن ۽ ”هم خيال بينچ“ وارو تاثر ختم ٿي سگهجي.هن چيو ته آرٽيڪل 63 جي تشريح تي فل ڪورٽ بئنچ جو جائز مطالبو به رد ڪيو ويو، ان فيصلي سان هڪ ڌر کي فائدو ٿيو ۽ عدالت ۾ ورهاڱي جو خدشو سامهون آيو ۽ ان تڪراري تاثر کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.










